ڪراچي ۾ فائرنگ ٽريفڪ پوليس اهلڪار شهيد

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪريم آباد فلاءِ اوور ڀرسان موٽر سائيڪل تي سوار دهشتگردن جي فائرنگ ۾ ٽريفڪ پوليس هيڊ ڪانسٽيبل 45 سالن جو محمد علي شهيد ٿي ويو.

ڪراچي پوليس جي ترجمان موجب شهيد اهلڪار کي ڇاتي تي 2 گوليون لڳيون هيون. اهلڪار محمد علي جو هٿيار ۽ موبائل فون به غائب آهي، ان حوالي سان پوليس وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.

هو عزيز آباد ٽريفڪ چوڪي تي مقرر هو جيڪو نائٽ ڊيوٽي جي لاءِ اچي رهيو هو ان کي دهشتگردن ڪريم آباد فلاءِ اوور جي هيٺان ٽارگيٽ ڪلنگ جو نشانو بڻائي ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.