سنڌ جي ناليواري اديب، شاعر ۽ اسڪالر تاج جويي جو پرائيڊ آف پرفارمنس ايوارڊ کان انڪار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي ناليواري اديب، شاعر، اسڪالر تاج جويي پرائيڊ آف پرفارمنس ايوارڊ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

تفصيل موجب سنڌ جي ناليواري اديب، شاعر، اسڪالر ۽ تازو کنڀي گم ڪيل سارنگ جويي جي پيءُ تاج جويي ايوارڊ وٺڻ کان انڪار ڪندي چيو ته مون کي معلوم ٿيو آهي ته ثقافت کاتي حڪومت سنڌ ۽ ٻين ادارن ۾ ويٺل ڪجھه سڄڻن جي سفارش تي منهنجو نالو ”پرائيڊ آف پرفارمنس“ لاءِ صدر پاڪستان منتخب ڪيو آهي.

هن چيو ته آئون انھن سڄڻن جي نيڪ نيتيءَ جو قدر ڪندي پڌرو ٿو ڪريان ته جڏهن مَادرِ وطن سنڌ مرڪز جي ڪالوني هجي، جڏھن سنڌ جي سڀني پيداواري وسيلن تي وفاق قابض هجي، جڏھن سنڌو درياھه جي پاڻيءَ تان سنڌ جو حق کسي غير قانوني طور ڊيم ٺاھيا وڃن، جڏهن سنڌ ۾ مذھبي انتھا پسنديءَ کي سرڪاري سرپرستي حاصل ھجي ۽ سنڌ جي سيڪيولر روايتن جي لتاڙ ٿيندي ھجي جڏھن اظھار جي آزاديء تي پابنديون مڙھيل ھجن جڏھن سنڌ جا سوين شيخ اياز جي خوابن جهڙا ڳڀرو نوجوان ۽ سياسي، سماجي/ قومي ڪارڪن عقوبت خانن ۾ بي پناهه تشدد برداشت ڪري رهيا هجن ۽ سندن جيجل مائرون ، ڀينرون، ونيون ۽ نياڻيون روڊن تي سراپا احتجاج هجن ۽ جڏھن پُر امن قومي جدوجھد جي رستا روڪ ڪئي وڃي ته اھڙي وقت ۾ هي سرڪاري اوارڊ وٺڻ مون لاء سودي بازي جي برابر آھي.

آئون هڪ ننڍڙو شاگرد ، عبدالواحد آريسر جو دوست ۽ سنڌي ٻوليء جو ننڍڙو اديب ۽ خادم آهيان. ان ڪري آئون ھي اوارڊ وٺڻ کان انڪار ڪريان ٿو ۽ پنھنجو ھي موقف تاريخ جي رڪارڊ تي رکان ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.