مٺي، ٽنڊو آدم، نئون ديرو، ميرپوربٺورو، سيري ۾ به جشن آزادي جا رنگ

عوامي آواز رپورٽ
مٺي، ٽنڊو آدم، نئون ديرو، ميرپوربٺورو، سيري ۾ به جشن آزادي جا رنگ
عوامي آواز رپورٽمٺي، ٽنڊو آدم، نئون ديرو، ميرپوربٺورو، سيري ۾ به جشن آزادي جا رنگ

سنڌ جي ٻين شهرن جيان مٺي، ٽنڊو آدم، نئون ديرو، ميرپوربٺورو، سيري ۾ به جشن آزادي جوش ۽ جذبي سان ملهائي وئي.

مٺي ۾ جشن آزادي جي مک تقريب ۾ ايم اين اي ڊاڪٽر  مھيش ڪمار ملاڻي، ايم پي اي قاسم سراج سومرو، خاص مددگار ويرجي ڪولھي ۽ٻين شرڪت ڪري قومي جهنڊو ڦڙڪايو.

ان موقعي تي ٻارن قومي گيتن تي جهمريون هڻي ٽيبلوز پڻ پيش ڪيا.

ٽنڊو آدم ميونسپل ڪميٽي ۾ جهنڊو ڦڙڪائڻ واري تقريب منعقد ڪئي وئي، هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي.

تقريب ۾  تقريرن ۽ ملي نغمن جا مقابلا پڻ ٿيا، جنهن بعد مختلف هنڌن تان ريليون ڪڍيون ويون.

نئون ديرو ميونسپل ۾ ميونسپل چيئرمين الله ڏنو ڀٽو، حافظ مشتاق احمد ۽ ٻين قومي جهنڊو ڦڙڪائي جشن آزادي جي تقريبن جو افتتاح ڪيو.

تقريب ۾ پاڪستان جي سلامتي، تحفظ ۽ ڪاميابيءَ لاءِ دعائون گهريون ويون، جنهن موٽر سائيڪل ۽ گاڏين تي ريلي ڪڍي وئي.

ميرپوربٺورو ۾ جشن آزادي جي ڏهاڙي تي مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران تقريبون منعقد ڪرڻ بعد ريليون ڪڍيون ويون.

مين بس اسٽاپ کان پريس ڪلب تائين دهلن شرنائين سان ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ خمتلف ڌرين شرڪت ڪئي.

سيري ۾ جشن آزادي جي حوالي سان جماعت اسلامي طرفان جيوي پاڪستان موٽر سائيڪل ريلي ڪڍي وئي.

ننڍا توڙي وڏا نوان ويس پهري نڪري پيا، هر طرف قومي جهنڊي جا رنگ نکري پيا.

جشن آزاد جي موقعي تي هر طرفان پاڪستان زنده باد ۽ ڪشمير بني گا پاڪستان جا نعرا گونجندا رهيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.