قمبر، ڳڙھي ياسين، غوثپور، ڀان سيدآباد ۽ قاضي احمد ۾ به جشن آزادي ملهائي وئي

عوامي آواز رپورٽ
قمبر، ڳڙھي ياسين، غوثپور، ڀان سيدآباد ۽ قاضي احمد ۾ به جشن آزادي ملهائي وئي
عوامي آواز رپورٽقمبر، ڳڙھي ياسين، غوثپور، ڀان سيدآباد ۽ قاضي احمد ۾ به جشن آزادي ملهائي وئي

قمبر، ڳڙھي ياسين، غوثپور، ڀان سيدآباد ۽ قاضي احمد ۾ به جشن آزادي جوش ۽ جذبي سان ملهائي وئي.

ڊي سي آفيس قمبر ۾ جشن آزادي جي تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون عامر علي پنھنور، ايس ايس پي عمران قريشي ۽ ضلعي جي مختلف ادارن جي عملدارن قومي جهنڊو ڦڙڪايو.

ڳڙھي ياسين جي مين پرائمري اسڪول ڳڙھي ياسين ۾ تقريب دوران قومي ترانو وڄائي جهنڊو ڦڙڪايو ويو.

تقريب ۾ اسٽنٽ ڪمشنر نظام الدين جتوئي، وائيس چيئرمين ٽائون ڪاميٽي ڳڙھي ياسين عمرالدين ملڪ، ڊي ايس پي سرتاج احمد آگاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي.

غوثپور ۾ شھرين پاڪستان ۽ ڪشمير جا جھنڊا کڻي ريلي ڪڍي، جنهن دوران پاڪستان زنده باد ۽ ڪشمير بني گا پاڪستان جا نعرا هنيا.

قاضي احمد ۾ شاگردن ۽ شهرين طرفان تقريبون ڪوٺائي ريليون ڪڍيون ويون، جڏهن ته سالگرهه جا ڪيڪ پڻ ڪاٽيا ويا.

ڀان سيدآباد ۾ به جميعت علماءِ پاڪستان پاران مولانا محمد معشوق علي، مولانا غلام محي الدين ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شاندار ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪيو ويو، جنهن دوران پاڪستان زنده ۽ پاڪ آرمي زنده باد جا گونجدا رهيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.