سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آزادي جو ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو

عوامي آواز رپورٽ
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آزادي جو ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو
عوامي آواز رپورٽسنڌ جي مختلف شهرن ۾ آزادي جو ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آزادي جو ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو.

ملير ۾ جشن آزادي جي  مرڪزي تقريب ڊيٽي ڪمشنر جي آفيس ۾ ٿي، جنهن ۾  پ پ پ  ايم اين آغا رفيع الله، ڊي سي ملير گنھور خان لغاري، چئير مين ڊي ايم سي ملير جان محمد بلوچ  ايس ايس پي ملير عرفان بھادر ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.

ملير جي ضلعي ڪائونسل ۾ به جشن آزادي جي تقريب ٿي، جتي چيئرمين سلمان مراد جهنڊو ڦڙڪايو.

سکر  ۾ به جشن آزادي جي حوالي سان تقريبون ڪوٺائڻ بعد ريليون پڻ ڪڍيو ويون.

موٽر وي پوليس طرفان هيڊڪواٽر سکر ۾ جهنڊو ڦڙڪائڻ جي شاندار تقريب بعد ٽول پلازه تائين فليگ مارچ ڪيو ويو.

نوابشاهه ۾ 14 آگسٽ جي موقعي تي ريليون ۽ تقريبون ڪوٺايون ويون، ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد جي آفيس، بختاور ڪيڊٽ ڪاليج فار گرلس ۽ پريس ڪلب ۾ تقريبون منعقد ڪيون ويون.

گهوٽڪي ضلعي ۾ به جشن آزادي جي موقعي تي تقريبون ڪوٺايون ويون، سرڪٽ هائوس ميرپور ماٿيلو ۾ پاڪستاني جهنڊو ڦڙڪائڻ واري تقريب ٿي گذري.

ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي ليفٽيننٽ رٽائرڊ محمد خالد سليم ۽ ايس ايس پي عمر طفيل سميت ضلعي آفيسرن، ڊاڪٽرن، استادن ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ميرپورماٿيلي، ڏهرڪي، اوٻاوڙو، خانپور مهر ۽ ريتي سميت ننڊن وڏن علائقن ۾ ريليون ڪڍي آزادي جو ڏهاڙو ملهايو ويو.

ان موقعي تي ملڪ لاءِ خاص دعائون پڻ گهريون ويون، جڏهن ننڍا توڙي وڏا پاڪستان زنده باد جا نعرا پڻ هڻندا رهيا

اڳواڻن جو چوڻ هو ته پاڪستان قربانين بعد حاصل ٿيو، دشمن ملڪ خلاف سازشون ڪن پيا.

هنن چيو ته هو اڄ ڀارت کي پيغام ڏين پيا ته پاڪستان طرف ميري اک سان ڏسندو ته ڀرپور جواب ڏنو ويندو..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.