لاڙڪاڻي ۾ عورتن جو بااثرن خلاف احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي تعلقي جي ڳوٺ نهال جي مياڻي جي رهواسي عورتن پاڪ ڪتاب کڻي پنهنجي مردن سان گڏجي بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف ايس ايس پي آفيس ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو جتي هنن سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي پورهيت ممتاز ميڻو پنهنجي پيرسن پيءُ عبدالغفور ميڻو، چاچن رحيم بخش، نبي بخش، محرم، سئوٽ عنايت الله، ڀاڻيجن عرض محمد ميڻو ۽ ٻين سان گڏجي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته 20 ڏينهن اڳ منهنجي ڀاءُ ڳوٺ ۾ مجيد ظفرالله کان ساڍن 7 لک روپين عيوض جڳهه خريد ڪئي جنهن جا پئسا اسين ڏئي چڪا آهيون پر جتوئي برادري سان واسطو رکندڙ ڪجهه بااثر قبضي جي ڪوشش ڪرڻ سان گڏ اها جڳهه گهٽ قيمت ۾ خريد ڪرڻ چاهن ٿا انڪار تي هو مسلسل اسان کان جُٺيون ڪري رهيا آهن انهن خلاف اسان عدالت ۾ درخواست پڻ داخل ڪرائي هئي. هن الزام لڳايو ته اڄ صبح جي وقت اسان ٻڌڻي جي سلسلي ۾ عدالت وڃي رهيا هئاسين ته رستي ۾ اسان کي اطلاع مليو ته بااثر غلام حسين جتوئي، سندس پٽن شاهنواز، گڊن، شمن جتوئي ۽ ٻين منهنجي ڌنار ڀاءُ الطاف کان 8 مينهون ڦر ڪري فرار ٿي ويا آهن جنهن تي اسان ڳوٺ پهتاسين ان تي بااثرن مينهون ڇڏي هليا ويا جڏهن ته بااثر مسلسل موتمار ڌمڪيون ڏيڻ سان گڏ زيادتيون ڪري رهيا آهن اهڙي دانهن حد جي آريجا ڦيڙهو ٿاڻي جي پوليس کي ڏني پر پوليس به بااثرن جي وانگار وهندي ڪاروائي لاءِ تيار ناهي جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هنن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته بااثرن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري انصاف ڏئي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.