حيدرآباد ۾ ڳوٺاڻن جو سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاج

حيدرآباد (رپورٽر) فريد آباد جي علائقي شاهه گودڙيو جي رهواسين علائقي ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف ڪالهه به حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احجاج ڪيو.ان موقعي تي شفيق چانڊيو, رضوان چانڊيو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته گذريل ٻن سالن کان سندن علائقي ۾ پيئڻ لاءِ گندو پاڻي اچي رهيو آهي، جنهن جي واپرائڻ سبب علائقي جا ماڻهو توڙي معصوم ٻار سخت بيمار ٿي پيا آهن، جڏهن ته اتي صاف پاڻي جو ڪو به منصوبو هلندڙ نه آهي، جنهن سبب ماڻهو پيئڻ لاءِ گندو پاڻي استعمال ڪري رهيا آهن. جڏهن ته علائقي جا اسڪول، روڊ توڙي ڊرينيج جو سسٽم تباهه ٿي ويو آهي، جنهن خلاف مسلسل احتجاج ڪري رهيا آهيون، پر چونڊيل نمائندن طرفان ڪوبه توجهه نه پيو ڏنو وڃي. هنن سنڌ جي وزيراعليٰ ، بلديات جي وزير سميت اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته سندن علائقي جا مسئلا حل ڪرائي ڪاڇي واسين کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.