لاڙڪاڻي ۾ ڪارڪن قومپرست سياست ڇڏي ويا

لاڙڪاڻو(ڊ ر)  اڳوڻي قومپرست اڳواڻ حفيظ هڪڙو پنهنجي ساٿين عبدالخالق چانڊيو، ضمير گوپانگ، وزير لاشاري، مقصود گوپانگ، عبيد الله ميراڻي، غلام سرور مگسي ۽ نور الله مگسي سان گڏجي لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته قومپرست پارٽين حقن جا نعرا هڻي سنڌ جي سادن ماڻهن کي پنهنجي مقصد لاءِ استعمال ڪيو ۽ ملڪ دشمن ايجنڊا تي هلي ڪري نوجوانن کي تخريبي ڪارروائين جي لاءِ استعمال ڪيو پئي ويو. هنن چيو ته اڄ اسين بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهيون، اسين نوجوانن کي اپيل ٿا ڪريون ته پنهنجو سڄو ڌيان تعليم ڏانهن ڏين ۽ پاڪستان جي ترقي لاءِ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪن ۽ ڪنهن به لسانيت يا قوميت جي سازش جو حصو نه بڻجن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.