سنڌ حڪومت طرفان ضلعي عمرڪوٽ ۾ چيسٽ پين يونٽ جو قيام

سجاد علي قائمخاني

پاڪستان  ملڪ جي آئين موجب هر شهري جي تعليم، صحت  ۽ سڪيورٽي سميت بنيادي حق ڏيڻ ۽ انهن جو تحفظ ڪرڻ به رياست جي ذميواري آهي سڌريل ملڪن ۾ هر حڪومت جي اها ڪوشش هوندي آهي ته اها پنهنجن شهرين کي بنيادي سهولتون فراهم ڪري جن ۾ صحت جي سهولت سڀني کان سرفهرست آهي پاڪستان پيپلزپارٽي جي حڪومت جڏهن به اقتدار ۾ ايندي آهي ته اها تعليم ۽ صحت تي خاص توجهه ڏيندي آهي سنڌ حڪومت پنهنجي عظيم ليڊر شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي مشن ۽ پنهنجي عوام سان ڪيل واعدن  کي وفا  ڪرڻ  ۽ انهن کي انهن جا بنيادي  حق ڌيارڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي، پيپلزپارٽي جي عوامي حڪومت صوبي سنڌ جي تعمير ۽ ترقي تي خاص ڌيان ڌئي رهي آهي سنڌي چوڻي آهي ته جيءُ خوش ، جهان خوشي يعني جهان جي خوشي به ان کي محسوس ٿيندي جيڪو پنهنجي پاڻ مان خوش هوندو  بيمار ماڻهوءَ کي هر شيءِ بيمار لڳندي انهيءِ ڳالهه کي سنڌ حڪومت ڌيان ۾ رکندي صحت جي حوالي سان سنجيدگي سان ڪم  ڪري رهي آهي غريب عوام کي صحت جون سهولتون گهر جي دهليز تي فراهم ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت نه رڳو سنڌ جي شهري علائقن بلڪي پوئتي پيل ٿر جي اسپتالن کي اپ گريڊ ڪري انهن ۾ ايڪسري ،الٽراسائونڊ ، ايم آر آئي ۽ سي ٽي اسڪين جون سهولتون فراهم ڪيون آهن پر ان سان گڏ ٻهراڙي جي صحت مرڪزن کي به فعال بڻايو آهي عوام جي صحت جي حوالي سان جيڪي مرڪز قائم ٿيندا رهيا آهن انهن مان عام ماڻهو کي لاڀ ملندو رهيو آهي اهڙا علائقا جتي صحت جي سهولت جو تصور ڪري نٿو سگهجي اتي به بيسڪ هليٿ سينٽر قائم ڪيا ويا جن جي معيار کي بهتر بنائڻ جون ڪوششون ڪيو پيون وڃن  سنڌ ۾ صحت جي شعبي جي حوالي سان ٻن قسمن جون اسپتالون ۽ صحت مرڪز نظر اچن ٿا انهن ۾ هڪڙيون ته خانگي اسپتالون آهن ته ٻئي پاسي وڏي ۾ وڏو نيٽ ورڪ سرڪاري اسپتالن جو آهي ان سان گڏ ٽيون نيٽ ورڪ پبلڪ پرائيوٽ اشتراڪ سان قائم ٿيندڙ اسپتالن ۽ صحت مرڪزن جو آهي اسان وٽ ماضي ۾ جيڪي به غير سرڪاري اسپتالون قائم ڪيون ويون اهي مخير حضرات يا سرندي وارن قائم ڪيون هيون جيڪي اڄ به عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪري رهيون آهن.

پاڪستان جي شهرن ۾ تمام گهڻا سرندي وارا آهن جيڪي پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن پر سنڌ ۾ دل جي بيمارين جي مفت ۾ علاج جو پهريان ڪو تصور نه هو هي انتهائي مهانگو علاج آهي دل جي مريض جون دوائون نه ڪافي مهانگيون آهن.گذريل ٻن سالن کان پاڪستان  پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ اين آءِ سي وي ڊي سيٽ لائيٽ سينٽر جو افتتاح ڪري چڪو آهي ان حوالي سان سڀني کان وڏي اسپتال ته ڪراچي ۾ آهي جڏهن ته حيدرآباد ، سکر ، ٽنڊو محمد خان، سيوهڻ ۽ لاڙڪاڻي ۾ به اين آئي سي وي ڊي قائم ڪئي وئي آهي ، سنڌ جي وڏي اسپتال سکر اين آئي سي وي ڊي ۾ پنجاب ،بلوچستان ،ڪي پي ڪي سميت افغانستان مان دل جي بيماري جا مريض علاج لاءِ ايندا آهن جتي کين مفت علاج فراهم ڪيو ويندو آهي ، ڪراچي اسپتال کي ٻين صوبن جي اسپتالن سان لنڪ اپ ڪرڻ جي لاءِ تجويز به سامهون آئي آهي ، پاڪستان ملڪ ۾ هر سال 25 هزار ماڻهودل جي بيمارين سبب فوت ٿين ٿا اهڙي قسم جون اسپتال ٻين صوبن ۾ به ٺهڻ گهرجن جنهن تحت مريضن جو علاج ٿي رهيو آهي ، سنڌ حڪومت سنڌ جي ٻين رهيل ضلعن ۾ پڻ اهڙيون سهولتون مهيا ڪرڻ جوارادو رکي ٿي جئين عوام کي بغير ڪنهن تڪيلف جي فائدو رسي سگهي ، اين آئي سي وي ڊي ۾ نه صرف ماهر ۽ قابل ڊاڪٽر موجود آهن پر مريضن کي مفت ۾ دوائون به فراهم ڪيون وڃن ٿيون اين آئي سي وي ڊي ۾ دل جي مريض جي تشخيص لاءِ جديد مشينيون به موجود آهن جيڪي خانگي اسپتال ۾ انتهائي مهانگيون آهن هن اسپتال ۾ روزانو هزارين جي تعداد ۾ مريض اچن ٿا ۽ انهن جو علاج نه ٿئي ٿو پران جي باوجود مريض ايترا ته گهڻا آهن جو انهن کي اسپتال ۾سموريون سهولتون ڏيڻ نه ممڪن پر سنڌ حڪومت جي ترجيحاتن ۾ شامل آهي ته ايندڙ مريضن کي هر ممڪن سولهتون فراهم ڪيون وڃن.

تازو ئي پاڪستان پيپلزپارٽي جي صوبائي وزير انفارميشن سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي نواب محمد تيمور خان ٽالپر ۽  ٻين پارٽي اڳواڻن ضلعي چيرمين ڊاڪٽر سيد نور علي شاهه، ڊپٽي ڪمشنر نديم الرحمن ميمڻ ، وائس چيئرمين حاجي محمد بقا پلي ، ايس ايس پي عامر عباس شاهه، اڳوڻو ايم پي اي علي مراد راجڙ ، سيد سرتاج شاهه، پرسنل سيڪريٽري عامرشوڪت اسلام،  ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر الهداد راٺور، ايڊمن اين آئي سي وي ڊي مٺي اينڊ عمرڪوٽ  ڀرت ڪمار مهاراج ،اين آئي سي وي ڊي ڪراچي  انچارج  عبدالناصر سان گڏجي جديد مشينن ۽ وينٽيليٽر جي سهولتن سان گڏ 06 بيڊس تي مشتمل قومي اداري  ( اين آئي سي وي ڊي ) ۽ حڪومت سنڌ جي تعاون سان ضلعي عمرڪوٽ جي فقير عبدالله ڊائيلاسيز سينٽر ۾ 17 چيسٽ پين يونٽ ( سي پي يو )   جي نئين عمارت جو افتتاح ڪيو ۽ مختلف وارڊس جو دورو پڻ  ڪيو ۽ موجود مريضن جي متعلق ايڊمن اين آئي سي وي ڊي مٺي اينڊ عمرڪوٽ  ڀرت ڪمار مهاراج ،اين آئي سي وي ڊي ڪراچي  انچارج  عبدالناصر ۽ ٻين داڪٽرن سان سهولتن جي متعلق معلومات ورتي ، ان کان اڳ ( فقير عبدالله) ڊائيلاسيز سينٽر اسپتال ۾ دل جي بيماري جو هڪ  وارڊ کوليو ويو هو پر هاڻ ان کي (اين آئي سي وي ڊي) چيسٽ پين يونٽ سينٽر ۾ تبديل ڪيو ويو آهي ، ان موقعي تي  افتتاحي تقريب کي خطاب  ڪندي صوبائي وزير نواب محمد تيمور خان ٽالپر چيو ته چيرمين پاڪستان پيپلزپارٽي بلاول ڀٽو زرداري جي خاص هدايت تي سنڌ حڪومت صحت جي شعبي تي خاص توجهه ڏئي رهي آهي جنهن جو هڪ مثال نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪيولر ڊزيزز جو شعبو آهي، اين آءِ سي وي ڊي ۾ دل جي بيمارين جو علاج مفت ۾ ڪيو وڃي ٿو  جيڪا پاڪستان جي ٻي ڪنهن به اسپتال ۾ اها سهولت ناهي هن اداري ۾ دل جي آپريشن ، انجيوپلاسٽي ۽ اينجيوگرافي تائين مفت ۾ علاج ٿئي ٿو ، ڏٺو وڃي ته دل جي بيمارين جي علاج تي لکين رپيا خرچ اچي ٿو ۽ اهو خرچ  غريب عوام جي پهچ کان ٻاهر آهي گهڻائي اهڙا مريض آهن جيڪي ايتري رقم نه هئڻ سبب زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ مبتلا رهن ٿا عوامي جي اهڙي مشڪلاتن کي مد نظر رکندي سنڌ حڪومت غريب عوام کي رليف ڌيڻ لاءِ اها سهولت مهيا ڪئي آهي ، هن چيو ته سنڌ جي اسپتالن جي مد ۾ جيڪا ترقي ٿي رهي آهي ٻين صوبن ۾ نه  پئي ٿئي سنڌ حڪومت اسپتالن ۾ بهتري آڻي رهي آهي جتي مفت علاج ڪيو ويندو آهي پر پي ٽي آئي جي وفاقي حڪومت صرف هڪ شهر کي ترقي وٺرائي صوبي جي ترقيءِ  جو ڊرامو رچايو ويو پر هاڻ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ صحت جي سهولتن جي فراهمي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.، هن چيو ته سنڌ حڪومت جي اها ڪوشش آهي ته غريب عوام کي سندن در تي ئي رليف ملي اهو ئي سبب آهي جو ڪراچي ۽ سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ چيسٽ پين يونٽن جا افتتاح ڪيا پيا وڃن ۽ سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ پڻ اهڙا چيسٽ پين يونٽ  جلد قائم ڪيا ويندا ،  هن چيو ته مختلف ضلعن  ۾ اين آئي سي وي ڊي جي 10 اسپتالن ۽ 16  چيسٽ پين يونٽس  ۾ مريضن جو دل ۽ چيسٽ پين جو جديد علاج بلڪل مفت فراهم ڪرڻ ۾ مصروف آهي ، هن چيو ته اڄ مونکي 17  چيسٽ پين يونٽس جو افتتاح ڪندي تمام  گهڻي خوشي محسوس ٿي رهي آهي ڇاڪاڻ ته ان  يونٽ جو قيام منهنجي والد  محترم ايم اين اي جناب نواب محمد يوسف ٽالپر جو خواب هو جيڪو اڄ پورو ٿيو آهي جڏهن ته چيرمين پاڪستان پيپلزپارٽي بلاول ڀٽو زرداري ، وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه ۽ ايگزيڪٽيو ڊائريڪٽر انسٽيٽيوٽ آف دل جي پروفيسر نديم قمر جي ڪاوشن جي ڪري اڄ ضلعي عمرڪوٽ ۾چيسٽ پين يونٽ  جو افتتاح ڪيو ويو آهي ، هن چيو ته حڪومت سنڌ عوام جي خدمت ڪرڻ ۾ مصروف ۽ اها  آهي چيسٽ پين يونٽ ان ڳالهه جو ثبوت آهي  جيڪا عمرڪوٽ جي مختلف علائقن جي عوام جي  لاءِ حڪومت سنڌ ۽ اين آئي سي وي ڊي جي طرفان هڪ تحفو آهي ، هن چيو ته حڪومت سنڌ 03 سالن جي مختصر ٽائيم ۾ ڪراچي ۾ 13، ٽنڊو باگو، گهوٽڪي  ۽ جيڪب آباد ۾ هڪ هڪ چيسٽ پين يونٽ قائم ڪيا ويا آهن جنهن ۾تقريبن  04 لک کان وڌيڪ مريضن جو مفت علاج ڪيو ويو آهي جنهن ۾ 9129 دل جي دوري جي مريضن جي زندگيون بچايون ويون آهن جيڪا سنڌ حڪومت جي وڏي ڪاميابي آهي ، هن چيو ته اين آئي سي وي ڊي حڪومت سنڌ جو هڪ بهترين پروگرام آهي جيڪا مصر ملڪ جي اجيپٽ جي حڪومت پاران   سنڌ حڪومت  کي گذارش ڪئي آهي ته اسان کي به اهڙا دل جا يونٽ کولڻ ۾ مدد ڪئي وڃي ته  جئين  اسان جي حڪومت به غريب ماڻهن جي خدمت ڪري سگهي ، هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کان گذارش ڪئي آهي ته ضلعي عمرڪُوٽ ۾ جلد هڪ يونيورسٽي قائم ڪئي وڃي جنهن کي جلد کولي عوام کي هڪ وڏي خوشخبري ڏني ويندي. هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي سموري توجهه ترقياتي ڪمن سان گڏو گڏ صحت  ۽ تعليم طرف پڻ آهي تازو سندس صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ خاص طور سان صحت حوالي سان جامع منصوبه بندي ڪئي وئي آهي ۽ هن هدايت ڪئي ته جيڪي به صحت حوالي سان منصوبا شروع ڪيا ويا آهن انهن کي جلد مڪمل ڪيو وڃي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.