طالب جوهري جي دل سان احترام ڪريون ٿا: لکمير گبول

گلشن اقبال (ن ع آ) پي ايس 100 جي پ پ اڳواڻ لکمير گبول  چيو آهي ته هڪ سازش تحت ميئر ڪراچي وسيم اختر حيدر بخش گبول جي نالي سان منسوب روڊ جو نالو تبديل ڪري علامه طالب جوهري رکڻ چاهي ٿو جنهن عمل جي مذمت ڪريون ٿا پنهنجي آفيس صفورا ڳوٺ ۾ پ پ اڳواڻن علي نواز گبول ۽ حيدر بخش گبول سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي لکمير گبول چيو آهي ته ميئر ڪراچي هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي جنهن ۾ حيدر بخش گبول نالو تبديل ڪري علامه طالب جوهري جي نالي سان روڊ منسوب ڪيو پيو وڃي پر اسان اهو ٿيڻ نه ڏينداسين هن جو چوڻ هو ته حيدر بخش گبول جو نالو پاڪستان ٺھڻ کان به اڳ جو رکيل آهي هن جو چوڻ هو ته طالب جوهري جي دل سان احترام ڪريون ٿا پر وسيم اختر کي پنهنجي گهر ٻاهران علامه صاحب جي نالي سان روڊ جو افتتاح ڪري هن چيو ته جيڪڏهن تاريخي نالو زبردستي تبديل ڪيو ويو ته سخت احتجاج ڪنداسين.

c

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.