نوابشاهه مزمل ٽائون ۾ برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاج

نوابشاهه(ڊ ر) نوابشاهه جي علائقي مزمل ٽائون ۾ برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف سجاد کوکر، اشرف مٺاڻي، عابد چانڊيو، زوھيب چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بلديا انتظاميه جي نااهلي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي هنن چيو ته اسان جي علائقي مان برسات جو پاڻي اڃان تائين نيڪال نه ٿي سگھيو آھي جنھن جي ڪري اسان سخت مشڪلاتن کي منھن ڏئي رھيا آھيون، ھنن چيو ته اسان جي علائقي جي گٽر لائين مڪمل طور تي تباھه ٿي وئي آهي بلديا انتظاميه کي بار بار شڪايت ڪرڻ جي باوجود اھي اسان جي علائقي مان پاڻي نيڪال نٿا ڪرائين، ھنن چيو ته برسات جو پاڻي اسان جي گھرن ۾ بيٺو آھي جنھن جي ڪري انتھائي سخت مشڪلاتن کي منھن ڏئي رھيا آھيون، مظاهرين مطالبو ڪيو ته اسان جي علائقي مان برسات جو پاڻي نيڪال ڪيو وڃي ۽ گٽر لائين نئين وجھي وڃي ته جيئن اسان سڪون واري زندگي گزاري سگھون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.