پ پ اڳواڻن قاسم آباد کي نو گو ايريا بڻائي ڇڏيو آهي:داد محمد بروهي

حيدرآباد (رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ ۽ عوامي اتحاد قاسم آباد جي اڳواڻن داد محمد بروهي، محمد حسن سپيو ۽ الطاف خاصخيلي ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پيپلز پارٽي جي مقامي اڳواڻن پاران قاسم آباد جي مختلف ڪالونين جي مين روڊن کي گيٽ هڻي نوگو ايرياز بڻائي شهرين جي اچ وڃ جا لنگهه بند ڪري ڇڏيا آهن. هنن الزام هڻندي چيو ته پيپلز پارٽي يوٿ ونگ جي اڳواڻن قاسم آباد جي علائقن ڀٽائي ٽائون، ماروي ٽائون، شاهه لطيف ڪالوني ۽ سمن آباد سميت قديمي ڳوٺ غلام شبير قمبراڻي، ڳوٺ سنجر ميربحر، وڪيو پالاري، ٻڌو پالاري، رضاءِ مصطفيٰ ڪالوني، عبدالله گارڊن، سوئي گئس سوسائٽي، ميمڻ سوسائٽي ۽ ٻين علائقن جي لکين رهواسين جي اچ وڃ جا مين 5 رستا آهن، جن کي هنن بند ڪري ڇڏيو آهي.  هنن چيو ته علائقي جي معزز ماڻهن جو هڪ وفد پ پ ايم اين اي طارق شاهه ڄاموٽ، سينيٽر مولا بخش چانڊيو، ميونسپل قاسم آباد چيئرمين ڪاشف شورو ۽ ڄام خان شورو سان ملي قاسم آباد جي بنيادي مسئلن کان آگاهه ڪيو، پر اڃان تائين مسئلو حل نه ٿيو آهي. هنن سپريم ڪورٽ، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ سنڌ جي وڏي وزير کي اپيل ڪئي ته قاسم آباد ۾ لينڊ مافيا ۽ قبضاگيرن کان ڪالونين جا مين روڊ ۽ رستا کولرائي کين تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ 21 آگسٽ کان قاسم آباد مان ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر جي آفيسن تائين ريليون ڪڍي ڌرڻا هنيا ويندا. پوءِ به مسئلا حل نه ٿيا ته محرم کان پوءِ ڀرپور احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.