سنڌ جي عوام راولپنڊي ۾ آصف زرداري سان گڏ هوندي: رفيق جمالي

دادو (ڊ ر) ڪو چيئرمين آصف علي زرداري کي نيب روالپنڊي ۾ طلبي خلاف پ پ پاران راولپنڊي ۾ قافلن جي صورت ۾  پهچڻ جو اعلان پ پ ضلعي صدر ايم اين اي سردار رفيق احمد جمالي جي صدارت هيٺ هنگامي اجلاس ٿيو اجلاس ۾ پ پ دادو ضلعي جي اڳواڻن ۽ جيالن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سردار رفيق احمد جمالي چيو ته پوري سنڌ جي عوام ۽ پارٽي ڪارڪن سڀ پنھنجي قائد آصف علي زرداري سان يڪجھتي طور تي راولپنڊي  ۾ گڏ ھوندا ۽ نيازي جي ڳٺ جوڙ کي وائکو ڪندا  هن چيو ته  پاڪستان جي عوام پپلزپارٽي جو ورڪر گلگت کان ڪراچي تائين آصف علي زرداري سان محبت ڪن ٿا  ۽ نيازي نيب احتساب جي آڙ ۾ ڪجهه ماڻهن کي راضي ڪرڻ لاءِ پارٽي چيئرمين خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا آهن جنهن جي مذمت ڪجي ٿي هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي اها واحد پارٽي آھي جيڪا عوام جي خدمت تي يقين رکي ٿي . ان موقعي تي ڊاڪٽر بنده علي لغاري، فاروق ملڪ، پ پ ايم پي اي جوهي سيد صالح شاهه، ايم عمر پنهور ۽ ٻين خطاب ڪيو.

لاڙڪاڻي ۾ پوليس جي 6 ڏوهاري گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

لاڙڪاڻو(ڊ ر) ايس ايس پي مسعود احمد بنگش جي هدايتن تي لاڙڪاڻو پوليس مختلف ڏوهارين خلاف ڪاروائيون ڪندي اشتهاري، روپوش ۽ گهربل 6 جوابدارن کي گرفتار ڪري هٿيار ۽ منشيات هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ ڪالهه وليد پوليس جوابدار زوهيب شيخ کي پسٽل ۽ گولين سميت، مارڪيٽ پوليس جوابدار عمران ڏاهاڻي کي پسٽل ۽ گولين سميت، يونيورسٽي پوليس سنگين نوعيت جي ڪيس ۾ گهربل جوابدار سڌير چنه کي رپيٽر ۽ ڪارتوسن سميت، نئون ديرو پوليس چيڪنگ دوران جوابدار مجيب الرحمٰن جتوئي کي هڪ ڪلو چرس سميت، رتوديرو پوليس سنگين نوعيت جي ڪيسن ۾ روپوش جوابدار علي حسن عرف علي بروهي کي ۽ رشيد وڳڻ پوليس چوري ڪيس ۾ اشتهاري جوابدار رفيق سامٽيو کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.