سکر ۾ جي يو آءِ ڪارڪنن جي 14 آگسٽ جي سلسلي ۾ ريلي

سکر (رپورٽر) جشن آزادي جي خوشي ۽ پاڪ فوج سان يڪجھتي جي اظهار لاءِ جي يو آءِ يونٽ شهيد اسلام پاران ريلي ڪڍي وئي، ريلي جي قيادت مولانا غلام الله بروهي ڪئي، جڏهن ته مولانا احسان الله، محي الدين قريشي، حافظ هدايت الله سومرو، قاري يونس مينگل سميت ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي هنن خطاب ڪندي چيو ته پاڪ فوج ملڪ جي بقا ۽ سلامتي لاءِ تمام گھڻيون قربانيون ڏنيون آهن، اسان جي وڏڙن پڻ ساڻن ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي جاني نذرانا پيش ڪري ملڪ آزاد حيثيت سان حاصل ڪيو، اسان جو ملڪ اسلام جي نالي تي وجود ۾ آيو ۽ اسان جو مشن آهي ته ملڪ ۾ قانون به اسلامي هجڻ گھرجي، هنن چيو ته 14 آگسٽ جو ڏهاڙو اسان جي لاءِ عيد جو ڏهاڙو آهي جنهن کي هر سال قومي جوش ۽ جذبي سان ملهائيندا آهيون. هنن چيو ته ملڪ جي بقا ۽ سلامتي توڙي خوشحالي لاءِ ڪنهن به قرباني ڏيڻ کان نه ڪيٻائينداسين.

اسلام ڪوٽ پريس ڪلب جي چونڊ،عبدالغني بجير صدر چونڊجي ويو

مٺي(بيوروچيف)پريس ڪلب اسلام ڪوٽ جي سال 2020ع ۽ 2021ع جي لاءِ چونڊ ٿي گذري، ٿيل چونڊ دوران عبدالغني بجير پريس ڪلب جو صدر چونڊجي ويو، باقي عهدن تي مبارڪ بجير کي جنرل سيڪريٽري،اشوڪ شرما خزانچي،نائب صدر سڪندر بجير،اطلاعات سيڪريٽري غازي بجير،جوائنٽ سيڪريٽري احمد علي سانگي ۽ سينيئر نائب صدر ڪرشن سنگهھ کي چونڊيو ويو. الطاف اسماعيل ۽ ٻين کي ميمبر چونڊيو ويو، پريس ڪلب جي چونڊيل نئين باڊي کي مختلف سياسي سماجي ڌرين،شاعرن، اديبن ۽ صحافين توڙي شهرين پاران مبارڪباد ڏني وئي، مبارڪون ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي. اُنهي سلسلي ۾ ٽائون چيئرمين ڪمليش ڪمار،ٽي ايم او محمد نواز مهر ۽ واپاري صدر ڪلديپ پارواڻي پاران پريس ڪلب پهچي چونڊيل نئين باڊي کي هار پارائي مباڪباد ڏني.

حيدرآباد ۾ عورت جو مالي سهائتا لاءِ احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) هالا پراڻا جي رهواسڻ مسمات عظيمان ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج دوران دانهيندي چيو ته ڪورونا وائرس جي لاڪ ڊائون کان هڪ مهينو اڳ مختلف بينڪن ۽ تر جي ماڻهن کان قرض وٺي چوپائي مال جو واپار شروع ڪيو هو، پر ڪورونا وائرس جي لاڪ ڊائون جي ڪري واپار ۾ لکين روپين جو نقصان ٿيو آهي، بئنڪون ۽ قرض ڏيندڙ تر جا ماڻهو قرض جي واپسي لاءِ زور ڀري رهيا آهن، پر کين ڏيڻ لاءِ روپيو به نه آهي. هن چيو ته 15 لک روپين کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو آهي، هن چيو ته سندس مڙس سخت بيمار آهي، معصوم ٻارن کي پالڻ به مشڪل ٿي ويو آهي. هن سنڌ جي وڏي وزير ۽ سرندي وارن کي اپيل ڪئي ته مٿس چڙهيل قرض لاهڻ لاءِ مالي مدد ڪئي وڃي.17

سکر ۾ جي يو پي ۽ جناح ويلفيئر پاران ڪل جماعتي ڪانفرنس جو انعقاد

سکر ( رپورٽر) جناح ويلفيئر ايسوسيئيشن ۽ جي يو پي جي انتظامن هيٺ ڪل جماعتي استحڪام پاڪستان ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي، ڪانفرنس ۾ مفتي محمد ابراهيم قادري، اصلاح الدين شيخ، مشرف محمود قادري علامه مير حسن قادري، حافظ شهزاد قادري، بلال قاسم انصاري، حاجي اعجاز ميمڻ، اشفاق سعيد اعواڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي جشن آزادي جي حوالي سان اڳواڻن پنهنجي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته سمورن پاڪستانين کي پنهنجي ذاتي مفادن جي بجاءِ قومي مفادن طرف ڌيان ڏيڻ گھرجي. هنن چيو ته اسان کي پاڻي ۾ سمورا اختلاف وساري هڪ قوم ٿي رهڻو پوندو. ملڪ جي ترقي، خوشحالي ۽ استحڪام جي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪرڻ جي ضرورت آهي، هنن چيو ته اسان جو نوجوان نسل پاڪستان جو بهترين مستقبل آهن. زندا قومون پنهنجي آزادي وارن ڏينهن کي قومي جوش ۽ جذبي سان ملهائينديون آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.