نوابشاهه ۾ 7 ڄڻا جسقم ڇڏي قومي ڌارا ۾ شامل

نوابشاهه (رپورٽ: اڪرم چانڊيو) ضلعي شهيد بينظير آباد جي مختلف علائقن سان تعلق رکندڙ 7 جسقم عهديدارن ۽ ڪارڪنن، جسقم ڇڏي قومي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو، اهڙو اعلان نوابشاهه پريس ڪلب ۾ جسقم يوسي خير شاهه ۽ عبدالله شاهه ڪالوني واسين غلام مصطفيٰ گوپانگ، محبوب علي ڪيريو، عبدالخالق ڪيريو، عبدالرزاق ڪيريو، عبدالڪريم ڪيريو، اڪبر علي گوپانگ، عبدالقيوم ڪيريو ۽ ٻين عهديدارن ۽ ميمبرن سان گڏ اعلان ڪندي چيو ته اسان اڄ کان جسقم کان بلڪل لاتعلقي جو اعلان ڪيون ٿا ۽ اسان جي ذهنن ۾ جيڪي غلط سوچ پيدا ڪئي وئي هئي اڄ اسان کي احساس ٿيو آهي ته پاڪستان اسان جو پنهنجو ملڪ آهي ۽ سي پيڪ سنڌ ۽ پاڪستان جي ترقي جو منصوبو آهي، هنن چيو ته اسان کي سبز باغ ڏيکاري اسان کي جسقم ۾ شامل ڪيو ويو ۽ اسان کي هاڻ اهو احساس ٿيو آهي ته اسان ملڪ جي خلاف ڪم ڪري اسان پنهنجو پاڻ ۽ پنهنجي ايندڙ نسل کي تباهه ڪري رهيا آهيون،ان موقعي تي قومي ڌارا ۾ شامل ٿيندڙن ۾ جسقم يوسي خير شاهه ۽ عبدالله شاهه ڪالوني واسين غلام مصطفيٰ گوپانگ، محبوب علي ڪيريو، عبدالخالق ڪيريو، عبدالرزاق ڪيريو، عبدالڪريم ڪيريو، اڪبر علي گوپانگ، عبدالقيوم ڪيريو ۽ ٻيا شامل آهن هنن چيو ته ڪشمير جو مسئلو هجي يا سي پيڪ جو مسئلو هجي اسان هر قدم تي پاڪستان آرمي سان گڏ آهيون ۽ گڏ رهنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.