سکر ۾ سني تحريڪ جي نريندر مودي خلاف ريلي

سکر ( رپورٽر) سکر ۾ پاڪستان سني تحريڪ سکر پاران ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي ڀارتي جھنڊو ۽ مودي جو تصويرون ساڙيون ويون، ان سلسلي ۾ پاڪستان سني تحريڪ پاران نور احمد قاسمي، رضوان قادري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مڪي شاهه درگاهه کان ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ اڳواڻ ۽ ڪارڪن وڏي انگ ۾ شريڪ هئا، جن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کنيل هئا، جن تي ڀارتي وزير اعظم نريندي مودي خلاف نعرا لکيل هئا، ريلي شهر جي مختلف روڊن تان ٿيندي سکر پريس ڪلب پهتي، جتي اڳواڻن پاران ڀارتي قومي جھنڊو ۽ وزير اعظم نريندر مودي جي تصويرن کي باهه ڏئي ساڙيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.