نوابشاهه ۾ همراهه جو ٻن پٽن سميت احتجاج

نوابشاهه(ڊ ر) دولتپور جي ڳوٺ مقيم ڏاهري جي رهواسي محمد ابراهيم ڏاهري پنهنجي ٻن پٽن عبدالحڪيم ۽ حسن علي ڏاهري سان گڏ نوابشاهه پريس ڪلب ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته گذريل ڏينهن علي رضا ڏاهري پاران دولتپور ۾ ڪيل پريس ڪانفرنس ڪوڙ تي ٻڌل آهي ۽ مون کي جيڪي زمين ۽ گهر جي رهڻ لاءِ جگھه ڏنل آهي ته اها پوءِ ڪٿي آهي ۽ مان پنهنجي ٻڄن سميت پراون درن تي دربدر ٿي رهيو آهيان، هن چيو ته علي رضا ڏاهري پاران خان محمد ڏاهري ۽ اويس ڏاهري تي لڳايل الزام ڪوڙا آهن منهنجو اويس ڏاهري ۽ خان محمد ڏاهري سان ڪو به تعلق ناهي، هن چيو ته اسماعيل ڏاهري ۽ علي رضا ڏاهري مون کي ۽ منهنجي پٽ کي قتل ڪري خان محمد ڏاهري ۽ اويس ڏاهري کي ڦاسائڻ چاهين ٿا، هن چيو ته ٽي ڏينهن اڳ اسماعيل ڏاهري هٿياربندن سان گڏ ضلعي ڪائونسل نوابشاهه جي گيٽ تي مون کي ۽ منهنجي خاندان جي فردن تي مارڻ لاءِ انتظار ڪندو رهيو ۽ اسان گيٽ بند ڪري گهرن ۾ لڪي وياسين، هن چيو ته مان دربدر آهيان آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو فريال ٽالپر، ايس ايس پي شهيد بينظير آباد کي شڪايتون ڪري ڪري ٿڪجي پيو آهيان ليڪن منهنجي ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، هن چيو ته هن وقت به 100 کان مٿي هٿياربند منهنجي زمين تي قبضو ڪري ويٺل آهن، هن چيو ته مونکي يا منهنجي خاندان کي ڪجھه به ٿيو ته ان جا ذميوار سليمان ڏاهري، دادو ڏاهري، نظير ڏاهري، اجو ڏاهري، صاحب خان ڏاهري، وهاجت ڏاهري هوندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.