سهانجهڙي وڻ ۾ انساني صحت لاءِ گهربل خوراڪ موجود آهي: علي محمد ڪلر

سيوهڻ ( ن ع آ ) سهانجهڙي وڻ ۾ انساني صحت لاءِ گهربل خوراڪ موجود آهن، انساني فائدا سان گڏ جانورن ۽ پکين کي فائدو ڏيئي ٿو ، خبر موجب سماجي تنظيم ٿرديپ پاران يونٽ آفيس سيوهڻ ۾ يونين ڪائونسل سطح جي تنظيمن  شھنشاھ ۽ سويرا  يونين ڪاونسل  جعفرآباد ۽ يونين ڪاونسل  بنڀا جي چونڊيل ھاري جوڙن  کي  اعزازي جا چيڪ  ۽ سونھاجھڙو جو ٻج ڏنو ويو . ٿرديپ جي پروگرام مينجر علي محمد ڪلر چيو ته سهانجهڙي وڻ ۾ انساني صحت لاءِ گهربل خوراڪ موجود آهن، سهانجهڙي ۾ وٽامن سي موجود آهي، سهانجهڙي ۾ کير جي ڀيٽ ۾ خوراڪي طاقت موجود آهي، سهانجهڙي جي استعمال سان ڪيلشم ۽ پروٽين موجود آهن، جيڪي جسم جي ڪمزوري کي ختم ڪن ٿا، هن وڻ کي وڌ وڌ پوکڻ گهرجي، انساني فائدا سان گڏ جانورن ۽ پکين کي فائدو ڏيئي ٿو تقريب  غلام اڪبر ميراڻي جڏهن  ته  ڊسٽرڪٽ  مئنجر وريام بلوچ ۽ ايگريڪلچر فوڊ سيڪيورٽي آفيسر  ميڊم  سانيا ساھڙ ۽ نورالدين لغاري ۽ عظما سيال موجود هئا،  ٿرديپ جو ھي پنس پروجيڪٽ ماءُ ۽ پنج سال کان گھٽ عمر جي ٻارڙن جي کاڌ خوراڪ ۽ نشو نما کي بھتر ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رھيو آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.