ٽنڊي آدم ۾ آزادي ڏهاڙي حوالي سان رينجرز ۽ پوليس اهلڪارن طرفان فليگ مارچ

ٽنڊو آدم ( ت ر ) آزادي ڏهاڙي جي حوالي سان ٽنڊي آدم ۾ پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن جو گڏيل فليگ مارچ ڊي ايس پي ايوب بروهي جي اڳواڻي ۾ ڪيو ويو جنهن ۾ سموري شهر جي مک رستن تي گشت ڪيو اهلڪار ن جي هٿن ۾ پاڪستاني جهنڊا هئا  ۽ انهن پاڪستان زنده باد جا زوردار نعرا هنيا.

عثمان شاهه هڙي ۾ جشن آزادي تقريب جي حوالي سان ڪيڪ ڪاٽيو ويو

عثمان شاهه هڙي ( ن ع آ ) گورنمنٽ پرائمري اسڪول ٽنڊو سومرو بس اسٽاپ جي پاران جشن آزادي تقريب جي حوالي سان پاڪستان آزادي جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو، وطن کي ملي نغمه گيتن جي ڀيٽا ڏني وئي ۽ ٻوٽا پوکيا ويا تقريب جو خاص مهمان درگاهه مصري جو گادي نشين دانشور اسڪالر سيد مريد علي شاهه رضوي ڊپٽي ايجوڪيشن آفيسر ٽنڊو الهيار عزيز احمد چوهاڻ تعلقه ايجو ڪيشن آفيسر ٽنڊو الهيار جارج سراج الدين ٽي اي او في ميل طلعت فاطمه سابق ٽي اي او جاويد قمر ميمڻ، اديب استاد رياض عمراڻي، ذوالفقار علي آرائين سابق ٽي اي او پرائمري جهنڊو مري ۽ محمد قاسم ڪالڙو خطاب ڪندي چيو ته اسان جو ملڪ پاڪستان وڏين قربانين جي بدلي ۾ آزاد ٿيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ آزادي سان رهون پيا قائد اعظم محمد علي جناح جي عليٰ قيادت هن ملڪ کي آزاد ڪرايو هن ملڪ ۾ سنڌي، اردو، پنجابي، پختون، بلوچي ٻوليون ڳالهايو ن وڃن ٿيون اسان جي نوجوان نسل کي ملڪ سان وفا ڪرڻ گهرجي. تقريب ۾ امداد علي کيڙو ، لياقت علي بوزدار ، اظهر ميمڻ ، بشير سومرو، اقبال قائم خاني ، شنڪر لال ، خالد احمد آرائين ، عمران آرائين ، نظام علي سينهڙو، گل شير لنڊ، شفيع محمد لنڊ ۽ ٻيا موجود هئا.

قمبر ۾ دڪاندارن جشن آزادي  جو ڪيڪ ڪاٽيو، پاڪستان جي حق ۾ نعرا

قمبر (ڊ ر) قمبر جي ميمڻ سينٽر ۾ مختلف دڪاندار پاران جشن آزادي جي خوشي ۾ 2 پائونڊ جو ڪيڪ ڪٽيو ۽ پاڪستان زنده آباد جا نعرا هنيا، ان موقعي تي دڪاندارن واپارين حارث حبيب،فهيم شيخ، عاشق بروهي، انصاف چانڊيو، سيد سلطان شاھ، عرفان هڪڙو، محمد علي گوپانگ، ضمير حسين جتڪ سميت ٻين   چيو ته  آزادي ﷲ طرفان  نعمت آهي، جيڪا اسان کي مليل آهي.

 ڊگهڙي پوليس جي ڪارروائي، منشيات هٿ، جوابدار گرفتار

ڊگهڙي (ن ع آ)ڊگهڙي پوليس موجب دوران گشت ڳجهي اطلاع تي انب موري اسٽاپ تي ڇاپو هڻي هڪ شخص سريش پٽ رامچند ميگهواڙ کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان 48 ليٽر ديسي شراب ۽ روڪ رقم 34410 روپيا ھٿ ڪري مٿس منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري کيس لاڪ پ حوالي ڪري ڇڏيو.

لاڙڪاڻي ۾ درگاهه مشوري واسي پيرسن جو قبضاخورن خلاف احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ راڌڻ بس اسٽاپ وٽ عارضي رهائش اختيار ڪري ويٺل ڳوٺ درگاهه مشوري شريف جي رهواسي پيرسن حاجن خان جتوئي زرعي زمين ۽ گهر تي مبينا قبضي خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي هن صحافين آڏو دانهيندي چيو ته آءُ اسٽيٽ ايجنسي ۾ جڳهن ۽ پلاٽن جو ڪاروبار ڪندو آهيان، منهنجي ڪنهن سان ڪا به دشمني ناهي، مهينو اڳ روزگار جي سلسلي ۾ پنهنجو اباڻو ڳوٺ درگاهه مشوري مان لڏي لاڙڪاڻي شهر جي الهه آباد پاڙي ۾ رهائش اختيار ڪئي.هن الزام لڳايو ته ڳوٺ جي بااثرن ممتاز جتوئي سندس پٽ امتياز ان جي ساٿين منظور ۽ امداد قمبراڻي وارن منهنجي ساڍا پنج جريب زرعي زمين ۽ گهر تي قبضو ڪيون ويٺا آهن جن خلاف حد جي باقراڻي ٿاڻي جي پوليس کي دانهن ڏني پر پوليس هن وقت تائين بااثرن خلاف ڪا به ڪاروائي ناهي ڪئي، بااثرن کي پوليس ۽ سياسي ماڻهن جي پٺڀرائي حاصل آهي جنهن ڪري بااثر زرعي زمين ۽ گهر جي مالڪي تان هٿ کڻڻ لاءِ مون کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. ان لاءِ منهنجي آءِ جي سنڌ، لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل آهي ته خدارا معاملي جو نوٽيس وٺي منهنجي گهر ۽ زرعي زمين تان قبضو ختم ڪرائي مون کي گهر ڀاتين سميت تحفظ ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.