ٽنڊي محمد خان ۾ برطرف پورهيت طرفان 30هين ڏينهن به بک هڙتال

ٽنڊو محمد خان (ن ع آ) ٽنڊي محمد خان جي ميونسپل ڪميٽي سامهون سنڌ آبادگار شوگر ملز جي جبري برطرف ملازمن 30 ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتالي ڪئمپ جاري رکي ، ان موقعي تي برطرف مزدور اڳواڻ غلام قادر شورو ۽ ٻين چيو ته اسان پنهنجي حق خاطر مسلسل احتجاج ڪري رهيا آهيون ، جيستائين مزدور بحال نه ڪيا ويندا تيستائين احتجاج جو سلسلو جاري رکيو ويندو ، جڏهن ته نوجوان ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ زاهد جسڪاڻي ، پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ لالا حسن پٺاڻ ۽ ٻين بک هڙتالي ڪئمپ تي پهچي مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.