ميرپورخاص ۾ ڊي سي طرفان محرم الحرام حوالي سان گڏجاڻي، انتظام مڪمل ڪرڻ جي هدايت

ميرپورخاص(بيورورپورٽ) ڊپٽي ڪمشنر زاهد حسين ميمڻ  محرم الحرام جي انتظامه جو جائزو ۽ امن امان کي بحال   رکڻ  جي حوالي سان واسطيدار عملدارن سميت  امن ڪاميٽي جي ميمبرن سان گڏجاڻي جي صدارت ڪئي،   انهن موقعي تي ايس ايس پي  فيصل بشير ميمڻ  چيوته  محرم الحرام ۾ امن امن کي برقرار رکڻ تمام ضروري آهي ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت  هرگز نه ڏني ويندي، پوليس کاتي پاران واٽس اپ گروپ کي چيڪ ڪرڻ لاءِ ٽيم مقرر ڪئي وئي آهي، جيڪا انتشار ڦهلائيندڙ ماڻهن جي  ميسيجن کي چيڪ ڪندي،  انهي موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر  ايڪسين ميرپورخاص کي هدايت ڪندي چيوته پهرين محرم الحرام کان 10 محرم الحرام تائين لائيٽ جي لوڊ شيڊنگ نه ڪئي وڃي، جڏهن ته ڊي سي   پبلڪ هيلٿ کي پاڻي جي  کوٽ نه ڪرڻ، صحت کاتي  عملدارن کي  اسپتالن ۾  ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊڪل اسٽاف سميت دوائن جي موجودگي کي يقيني بڻائڻ ۽  ميونسپل ڪاميٽي   کي   جلوسن جي گذرگاهن تي صفائي سميت  لائيٽ  جو خاص  بندو بست ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.