جي يو آ ءِ رتو ديرو جو اجلاس ، حافظ عبدالقادر سيال کان لاتعلقي

رتو ديرو  ( ت ر  )جمعيت علما۽ اسلام تعلقي رتوديرو جو ھنگامي اجلاس طارق حسين سومرو جي رھائشگاھ تي ضلعي جي امير مولانا ناصر خالد محمود سومرو جي حڪم تي منعقد ٿيو . اجلاس ۾ حافظ عبدالقادر سيال جي ذاتي حيثيت ۾ ڪيل پريس ڪانفرنس ۽ جواب ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي رتوديرو جي اڳواڻن پاران ڪيل پريس ڪانفرنس جو تفصيلي جائزو ورتو ويو اجلاس ان نتيجي تي ختم ٿيو ته حافظ عبدالقادر سيال پاران ڪيل پريس ڪانفرنس سندس ذاتي نقطه نظر آھي . جنھن سان جمعيت علما۽ اسلام تعلقو رتوديرو مڪمل لاعلمي ۽ لاتعلقي جو اظھار ڪري ٿو پيپلزپارٽي رتوديرو جي قيادت پاران جوابي پريس ڪانفرنس ۾ اھو تاثر ٻڌڻ ۾ مليو ته حافظ عبدالقادر سيال جو موقف ڄڻ جمعيت جو موقف ھجي جنھن تي اجلاس ۾ افسوس جو اظھار ڪيو ويو . رتوديرو سميت ضلعو لاڙڪاڻو ۽ پوري سنڌ گذريل 15 سالن کان بدترين حڪمراني جي نظر آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.