گهوٽڪي ۾ پ پ جو اجلاس، مختلف معاملن تي غور

گهوٽڪي ( ڊ ر ) پاڪستان پيپلزپارٽي ضلعي گهوٽڪي جو هڪ اجلاس ضلعي جرنل سيڪريٽري سڪندر علي لاکو جي صدارت ۾ ڊسٽرڪٽ پيپلز سيڪريٽريٽ ۾ ٿي گذريو جنهن ۾ پ پ ضلعي جو سينئر نائب صدر محمد يوسف ڀٽو ضلع انفارميشن سيڪريٽري رفيق احمد منگي ۽ تعلقن جي صدر جنرل سيڪريٽري ۽ انفارميشن سيڪريٽري ذيلي تنظيمن جا عهديدارن وڏي انگ ۾  شرڪت ڪئي , ان موقعي ته اجلاس ۾ اڳواڻن ڳالهائيندي پ پ جو ڪو چيئرمين آصف علي زرداري هميشه ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪئي آهي , هن هميشه جمهورين جي بالادستي لاء وڏيون قربانيون ڏنيون آهن , هنن چيو ته پ پ جو هر ورڪر ۽ ڪارڪن آصف علي زرداري سان گڏ آهي , زرداري صاحب جو هر حڪم لبيڪ ڪنداسين.  , هنن چيو ته ڪو چيئرمين آصف علي زرداري کي راولپنڊي احساس عدالت ۾ پيش ٿيڻ تي پارٽي جيڪو فيصلو ڪندي پيپلزپارٽي ضلعي گهوٽڪي جا ورڪر تيار رهندا .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.