حيدرآباد ۾ اڄ اسٽريٽ لائبريري جو افتتاح ڊي سي ڪندو

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ضلعي انتظاميه پاران مختلف سماجي تنظيمن روٽري ڪلب، ايس پي او، سافڪو، آءِ آر ايم ۽ ايف آر ڊي پي جي مدد سان اسٽريٽ لائبرري قائم ڪئي پئي وڃي.  حيدرآباد جي سرڪٽ هائوس سامهون شهباز پل هيٺان قائم ٿيندڙ اسٽريٽ لائبرري جو افتتاح اڄ  14 آگسٽ تي ڊپٽي ڪمشنر ڪندو. حيدرآباد جي تعليم دوست ماڻهن اسٽريٽ لائبرري جي قائم ٿيڻ کي ضلعي انتظاميه جو هڪ بهترين قدم قرار ڏنو آهي. 17

کڏڙي ٽائون جو سينيئر ملازم دل بيهڻ سبب فوت

کڏڙو (ن ع آ)کڏڙي ٽائون ڪاميٽي جو سينيئر ملازم مير زاهد حسين ٽالپر ڪالهه دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو، مرحوم جي جنازي نماز ۾ وڏي انگ ۾ سياسي سماجي شخصيتن ۽ شھرين شرڪت ڪئي مرحوم جي پوئينرن سان تعزيت جو سلسلو شروع ٿي ويو آھي.

نئين ڪوٽ ۾ جشن آزادي جون تياريون، شهر کي جھنڊن سان سينگاريو ويو

نئون ڪوٽ (ن ع آ) نئون ڪوٽ ۾ جشن آزادي جون تياريون عروج تي پھتل آهن. شھر جي بازارن، چوڪن کي پاڪستان جي جهنڊن سان سينگاري ملي نغمه تي رقص ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته 14 آگسٽ جي موقعي تي شهر ۾ جهنڊا، قومي پرچم واري شرٽ، پئنٽ، ٽوپين ۽ وڪرو عروج تي آهي.

زنده قومون هميشه پنهنجا ڏهاڙا جوش جذبي سان ملهائينديون آهن:مفتي ابراهيم قادري

سکر ( رپورٽر) پاڪستان اسان جي وطن جي قرباني جو نتيجو آهي، زندا قومون هميشه پنهنجا قومي ڏهاڙا ڀرپور نموني ملهائينديون آهن. اسان به پاڪستان جي بقا ۽ سلامتي لاءِ هر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، اهڙن خيالن جو اظهار مفتي محمد ابراهيم قادري، مشرف محمود قادري، علامه شهزاد قادري، مولانا نعمان خان، علامه نعمان حنفي، ڊاڪٽر سعيد اعواڻ، افضل حسيني، سعيد اختر ۽ ٻين جي يو پي پاران يوم آزادي جي سلسلي ۾ منعقد ڪيل پرچم ڪشائي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو هنن چيو ته پاڪستان جي سرزمين اسان جو اثاثو آهي. پوري قوم ملڪ جي بقا ۽ سلامتي لاءِ هڪ هنڌ گڏ ٿيل آهي، هنن چيو ته اسان کي قوم جي ترقي ۽ ملڪ جي خوشحالي لاءِ پنهنجي سياسي سوچ کي تبديل ڪرڻو پوندو ته جيئن ملڪ جي معيشت بهتر بڻجي سگھي ۽ ترقي حاصل ٿي، ان موقعي تي 14 آگسٽ جي حوالي سان قومي جھنڊو پڻ ڦڙڪايو ويو، هر طرف پاڪستان زندا آباد پاڪ فوج زندا آباد جا نعرا لڳي ويا.

سانگهڙ ۾ سني تحريڪ طرفان جشن آزادي جي حوالي سان تقريب، ڪيڪ ڪاٽيو ويو

سانگھڙ(ن ع آ)سانگھڙ ۾ سني تحريڪ پاران 73 جشن آزادي جي تقريب  ڪوٺائي وئي جنھن ۾ سني تحريڪ جي حافظ جمال قادري , شاھد رضا سڪندري,  سيد غلام ياسين, سائينداد وساڻ , وحيد پٺاڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي ۽  جشن آزادي جو ڪيڪ ڪاٽيو ۽  ملڪ جي خوشحالي دعائون پڻ گهريون ويون ان موقعي تي حافظ جمال قادري جو چيو ته پاڪستان وڏي قربانين سان حاصل ٿيو آھي ان ڪري آزادي وڏي نعمت آھي انھن ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم جي مزمت ڪندي چيو ته اھو ظلم ڪنھن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو اسان ھر قسم جي قرباني ڏيڻ لاء تيار آھيون

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.