بدين لڳ ڳوٺاڻن کي منشيات فروشن جون ڌمڪيون، احتجاج

بدين ( ڊ ر ) بدين لڳ ڳوٺ پيارو خان کوسو  جي رھواسين ڪامريڊ  حاجي غلام حسين کوسو، غلام قادر،  ربنواز، عبدالخالق، قادر بخش،  محمد جمن، محمود کوسو۽ غلام قادر کوسو  جي اڳواڻي ايوان صحافت بدين اڳيان منشيات فروشن پاران ڌمڪيو  ڏيڻ تي احتجاج ڪندي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڳوٺ پيارو خان کوسو ۾ جوابدارن غلام نبي، عامون نظير شريف ۽ عبدالستار جيڪي وڏا منشيات فروش آھن انھن خلاف بار بار پوليس ڪچي شراب جي بٺين تي چاپا لڳائڻ باوجود به جوابدارن پاران عدالتن مان ضمانت ملڻ بعد اسان قتل جون ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن ھنن چيو ته جوابدارن پاران منشيات جي ڌنڌي کي اڳ کان به وڌيڪ ڪري علائقي ۾  مختلف قسمن جا ڏوھ به ڪرائين ٿا ھنن ايس ايس پي بدين ۽ ڊسٽرڪٽ سيشن جج بدين مطالبو ڪندي اپيل ڪئي فوري طور انھن جون ضمانتون ردڪري اسان کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي ۽منشيات فورر طور بند ڪرائي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.