ساڙي باهه ڏئي ماريل ٻن مارن جا قاتل گرفتار ڪيو، ماءُ پيءُ جو احتجاج

قاضي احمد ( ن ع آ ) قاضي احمد لڳ ڳوٺ طوطل جتوئي ۾ 9 مھينا اڳ باھ ڏئي ساڙي ماريل معصوم ٻارڙن عجيب جتوئي ۽ ضميران جتوئي جا قاتل گرفتار نه ٿيا، ڳوٺ طوطل جتوئي ۾ اقبال عرف گيلو جتوئي جي گھر کي باھ لڳڻ دوران سڙي فوت ٿي ويل ٻن معصوم ٻارڙن ڀاءُ ڀيڻ عجيب جتوئي ۽ ضميران جتوئي جي قاتلن کي قاضي احمد پوليس گرفتار نه ڪري سگهي، وارثن پاران بار بار احتجاج ڪرڻ باوجود پوليس مک جوابدار گرفتار نه ڪيا، معصوم ٻارڙن جي پيءُ اقبال جتوئي علائقي جي مختلف برادرين لنڊ، چانڊيا، زرداري، ڪمبوھ، ڪوريجا، جتوئي ۽ ٻين برادرين جي نيڪ مردن وائيس چيئرمين يونين ڪائونسل مهراڙو محرم علي لنڊ، طوطل جتوئي، سڪندر علي ڪوريجو، پنھل زرداري، لکمير چانڊيو، احمد ڪمبوھ، سان گڏجي معصوم ٻارڙن کي ساڙي ماريندڙ مبينا قاتلن علي حيدر جتوئي، حسين جتوئي، غلام حيدر ۽ علي گل جتوئي خلاف قاضي احمد ٿاڻي تي داخل ڪيس  چيو ته قاضي احمد پوليس جوابدارن کي رشوت وٺي کلي ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي،قاضي احمد پوليس اسان جو کيس خراب ڪري ڇڏيو آهي، هنن آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي شهيد بينظير آباد کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.