اسلام ڪوٽ پريس ڪلب جي چونڊ،عبدالغني بجير صدر چونڊجي ويو

مٺي (بيوروچيف) پريس ڪلب اسلام ڪوٽ جي سال 2020ع ۽ 2021ع جي لاءِ چونڊ ٿي گذري،ٿيل چونڊ دوران عبدالغني بجير پريس ڪلب جو صدر چونڊجي ويو،باقي عهدن تي مبارڪ بجير کي جنرل سيڪريٽري،اشوڪ شرما خزانچي،نائب صدر سڪندر بجير،اطلاعات سيڪريٽري غازي بجير،جوائنٽ سيڪريٽري احمد علي سانگي ۽ سينيئر نائب صدر ڪرشن سنگھ کي چونڊيو ويو،الطاف اسماعيل ۽ ٻين کي ميمبر چونڊيو ويو،پريس ڪلب جي چونڊيل نئين باڊي کي مختلف سياسي سماجي ڌرين،شاعرن،اديبن،صحافين توڙي شهرين پاران مبارڪباد ڏني ويئي،مبارڪون ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي،اُنهي سلسلي ۾ ٽائون چيئرمين ڪمليش ڪمار،ٽي ايم او محمد نواز مهر ۽ واپاري صدر ڪلديپ پارواڻي پاران پريس ڪلب پهچي چونڊيل نئين باڊي کي هار پارائي مباڪباد ڏني.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.