ڊگهڙي ۾ ساڍا پنج هزار ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيئاريا ويندا : ڪاشف قائمخاني

ڊگهڙي (ن ع آ) 15آگسٽ کان 19آگسٽ تائين پوليو خلاف شروع ٿيندڙ مهم جي حوالي سان ڊگهڙي يوسي جي ايم او ڊاڪٽر ڪاشف قائمخاني صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڊگهڙي شھر ۾ پوليو خلاف هلندڙ مهم ۾ ڪل 17ٽيمون حصو وٺي رهيون آھن، جيڪي گهر گهر وڃي پنجن سالن تائين جي ٻارن کي پوليو جي موضي مرض کان بچاءُ ڦڙا پيارينديون، انهي حوالي سان ٽيمن کي تربيت ڏني وئي آھي، هن چيو ته هن مهم ۾ شھر جي لڳ ڀڳ ساڍا پنج هزار ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيئاريا ويندا،  هن چيو ته مهم کي وڌيڪ ڪامياب بڻائڻ  لاءِ  عوام ۾ مختلف طريقن سان جاڳرتا پيدا ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.