نجي اسڪول مالڪن طرفان 15 آگسٽ کان اسڪول کولڻ جو اعلان

ٽنڊو محمد خان ( ڊ ر )وفاقي صوبائي حڪومتن جي گڏيل 15 سيپٽمبر تي تعليمي ادارا کولڻ واري فيصلي خلاف نجي اسڪولن 15 آگسٽ کان ملڪ گير طور تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ٽنڊو محمد خان ۾ نجي اسڪولن جي ايڪشن ڪميٽي جي طرفان عاصم سومرو ، ظهير حسين خواجه ، رسول بخش ڀرڳڙي ،  ابراهيم وگهيو ۽ ٻين پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته وفاقي صوبائي حڪومتن کي ملڪ جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جو روشن مستقبل کي تباھ ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ فوري طور بند پيل تعليمي ادارا بنا ڪنهن دير کولڻ گهرجن ، پوري دنيا ۾ ڪرونا وائرس سان مقابلو ڪرڻ باوجود تعليمي ادارن کي ايس او پيز تحت کوليو ويو آهي پر اسان وٽ 5 مهينا تعليمي ادارا بند ڪري تعليم کي 50 سالا پٺتي رکيو ويو آهي ، جنهن ۾ اڃان به دير ڪئي ويئي ته اهو اسان جي روشن مستقبل جي معمارن جو تعليمي طور قتل ثابت ٿيندو ، جنهن جي ڪري هر حالت ۾ هاڻي نجي اسڪولن جي طرفان 15 آگسٽ کان تعليمي ادارا کولڻ واري ڪيل اعلان تي حڪومت کي عمل ڪرڻ گهرجي.  جنهن لاءِ ملڪ جي آزادي واري عظيم ڏهاڙي جي موقعي تي 15 آگسٽ کان وزيراعظم پاڪستان عمران خان تعليمي ادارا کولڻ جو پاڻ اعلان ڪرڻ گهرجي پر 15 آگسٽ تي اسڪول کولڻ ۾ رڪاوٽ پيدا ڪئي ويئي ته ان جي خلاف ڀرپور تحريڪ شروع ڪئي ويندي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.