جي يوآ اڳواڻ اسان مٿان ڪوڙا ۽ بي بنياد الزام پيو هڻي: ممتاز عارباڻي

رتو ديرو ( ت ر )جي يو آءِ اڳواڻ حافظ عبدالقادر سيال پاران ڪيل پريس ڪانفرنس جي رد عمل ۾ پ پ سٽي رتوديرو جي صدر ممتاز عارباڻي ٻين ڪائونسلرن غلام علي ابڙو , گل محمد جکرو ، محمد حسن سومرو ، نظير دايو ، پارٽي اڳواڻن اطلاعات سيڪريٽري اسد گھانگھرو ۽ عرفان ڀٽو سان گڏجي رتوديرو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته حافظ عبدالقادر سيال اسان جي مٿان ڪوڙا ۽ بي بنياد الزام مڙهيا آھن منھنجي مٿان يا ڪائونسل جي مٿان ڪرپشن جو ھڪ رپيو به ثابت ڪري ته ھر قسم جي سزا ڀوڳڻ لاءِ تيار آھيون . باقي چيئرمين ميونسپل چاچي غلام مصطفي’ گھانگھري کان لا علمي يا اڻ ڄاڻائي ۾ جيڪڏھن ڪنھن آفيسر پني تي صحيح ڪرائي ھجي ته ان کان مان انڪار نٿو ڪري سگھان حافظ عبدالقادر سيال جيڪڏھن منھنجي مخالفت ڪندو يا چاچي غلام مصطفي’ گھانگھري جي مخالفت ڪندو ڄڻ ته ھن سڄي پيپلزپارٽي جي مخالفت ڪئي . ڇاڪاڻ ته انفرادي طور اسان جي ڪاحيثيت ناھي اسين جيڪو ڪجهه آھيون پارٽي جي ڪري آھيون،, حافظ صاحب غلط بياني ڪئي آھي , ان ڊسپوزل تي صرف سيال برادري جي پنجن گھرن جي نالين جي پاڻي جو نيڪال ٿيندو آھي , تنھن ھوندي به اسان کيس تيل ڏيون ٿا ان کان علاوه ميونسپل مان ھن کي چار نوڪريون مليون آھن احسان جمالي ان ڊسپوزل تي آپريٽر آھي ۽ ٽي ٻيا آھن احسان جمالي ڊيوٽي ڪري ٿو الائي نه اھا خبر ناھي ممتاز عارباڻي وڌيڪ چيو ته اسان جي مٿان ميونسپل مان ھڪ رپئي جي ڪرپشن ثابت ڪري حافظ صاحب اسان ھر سزا ڀوڳڻ لا۽ تيار آھيون

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.