ٺٽي ۾ مشهور ٽوٻي جو پٽ ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت

ٺٽو (ڊ ر) ضلعي ٺٽي جي مشھور ٽوٻي  عبدالغني گندرو جو نوجوان پٽ عبدالشڪور گندرو ٺٽي شھر جي پلنگ پاڙي شيرازي محلي ۾ پنھنجي گھر اندر بجلي جو ڪم ڪندي بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ ڪري موقعي تي فوت ٿي ويو، سندس جنازي نماز شاھجھان مسجد ٺٽو ۾ ادا ڪري کيس اباڻي قبرستان سونڊا ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، سندس جنازي ۾ ملاح اڳواڻ ڏاڏا آدم گندرو، صحافي محمد ايوب ملاح، محمد خان، مشتاق ملاح، سومار گندرو، الھڏنو ڀٽي سميت وڏي تعداد ۾ گندرا برادري جي ماڻھن شرڪت ڪئي، سندس تڏو ٺٽي شھر ۾ وڇايو ويو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.