سڪرنڊ اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم ۾ دير ڪرڻ خلاف ڪيريا برادري جو احتجاج

سڪرنڊ ( رپورٽ:  لطيف جمالي ) سڪرنڊ ويجهو ڳوٺ ساجن ڪيريو ۾ آڪسيجن گئس سلينڊر جي ڌماڪي ۾ هڪ ئي خاندان جي ٽن ڄڻن عبدالله ڪيريو ، مير محمد ڪيريو ، لعل محمد عرف پٺاڻ ڪيريو جي فوت ٿيڻ واري واقعي بعد وارثن پاران گئس ايجنسي مالڪ نديم پٺاڻ ۽ هڪ ملازم مٿان ڪيس داخل ڪرايو هو ۽ ڄاڻايو هو ته آڪسيجن گئس جي بدلي ايجنسي مالڪ پاران گهريلو استعمال ۾ ايندڙ ايل پي جي گئس ڀري ڏنو هو. جنهن ڪري سلينڊر ڦاٽو ۽ اسان جا ٽي ماڻهو فوت ٿي ويا. جنهن بعد پوليس ڪيس ۾ تيزي آڻي ٻن ڄڻن ايجنسي مالڪ نديم پٺاڻ ۽ هڪ ملازم محمد انيس کي گرفتار ڪيو هو. جنهن ۾ ڪورٽ ملازم محمد انيس کي عمر ننڍي هئڻ ڪري ضمانت تي آزاد ڪري ڇڏيو. جڏهن ته ايجنسي مالڪ پوليس رمانڊ ۾ آهي. ٽي ڏينهن اڳ واقعي جو ٽيون ڄڻو فوت ٿي ويل مير محمد ڪيريو جو لاش ڪراچي اسپتال جي سردي خاني ۾ ٽي ڏينهن رکڻ بعد اڄ تعلقي اسپتال سڪرنڊ ۾ پوسٽ مارٽم ڪرڻ لاءِ آندو ويو. جتي اسپتال عملي پاران پوسٽ مارٽم ۾ دير ٿيڻ ۽ پوسٽ مارٽم ۾ ڪم ايندڙ سامان موجود نه هئڻ تي وارثن پاران اسپتال جا شيشا ڀڃي ٽيبلون اڇلايون ويون. . ان موقعي تي فوتي جي وارثن دودو خان ڪيريو ، محمد رمضان ڪيريو ۽ ٻين پاران احتجاج ڪندي چيو ته اسان جا ٽي ماڻهو آڪسيجن گئس سلينڊر ڌماڪي ۾ فوت ٿي چڪا آهن پر پوليس اسان جو ڪمزور ڪيو آهي ۽ ايف آئي آر ۾ هلڪا قلم لڳائي ايجنسي مالڪ جي ونگار وهي اسان جا ٽي خون لوڙهڻ چاهي ٿي. جڏهن ته ڀڃ ڊاهه جي واقعي جو اطلاع ملڻ تي ايس ايڇ او سڪرنڊ حبيب الرحمان لاشاري تعلقه اسپتال سڪرنڊ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري کين يقين ڏياريو ته توهان سان انصاف ٿيندو. لاش پوسٽ مارٽم بعد وارث ڳوٺ کڻائي ويا. ايس ايڇ او حبيب الرحمان لاشاري ٻڌايو ته اسان جي واقعي جي شفاف نموني جاچ ڪري رهيا آهيون پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.