خيرپور ۾ قتل جو ڏوهه ثابت، ٻن جوابدارن کي ڦاهي جي سزا

خيرپور ( ڊ ر ) خيرپور جي ماڊل ڪورٽ قتل ڪيس ۾ ٻن جوابدارن کي ڦاهي ۽ ٽن کي عمرقيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي، پوليس جي سخت  پهري هيٺ سينٽرل جيل منتقل. تفصيل مطابق خيرپور ۾ تڪڙا ڪيس اڪلائڻ لاءِ قائم ڪرمنل ماڊل ڪورٽ جي اسپيشل جج گل ضمير سولنگي جي عدالت اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ سانولو جمالي ۾ 9 سال اڳ کجين جي باغ ۾ ڪم ڪندڙن مٿان زميني تڪرار تان انڌاڌنڌ فائرنگ ۾ ڳوٺاڻي مريد حسين جمالي کي قتل ڪرڻ ۽ دلي جان جمالي، ڀائي خان جمالي سميت چئن ڳوٺاڻن کي زخمي ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل سيد نادر شاهه ۽ سندس ڀاءُ سيد بلي شاهه ولد سيد سلطان شاهه کي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي کين ڦاهي جي سزا ۽ سندن ڀائرن سيد اختر شاهه، نظير شاهه ۽ سيد مٺل شاهه کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي بعد ۾ پوليس جي سخت پهري هيٺ سزا ٻڌايل جوابدارن کي سينٽرل جيل خيرپور ڏانهن منتقل ڪيو ويو  جڏهن ته عدالت طرفان سزا ٻڌايل جوابدارن مٿان هڪ ، هڪ لک روپيه ڏنڊ پڻ رکيو ويو جيڪو مقتول ۽ زخمين جي وارثن کي ادا ڪيو ويندو ڏنڊ جي رقم نه ڏيڻ جي صورت ۾ جوابداروڌيڪ  ڇهه، ڇهه مهينا قيد ڪاٽيندا. جڏهن ته ناجائز اسلحي واري  ڪيس ۾ جوابدار بلي شاهه کي ست سال قيد بامشقت ، جوابدار نادر شاهه، جوابدار اختر شاهه ۽ جوابدار نظير شاهه کي ٽي ، ٽي سال جي وڌيڪ سزا جو پڻ حڪم ٻڌايو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.