آريجن لڳ پوليس جي گهربل جوابدار گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ

خير محمد آريجا (ن ع آ) شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي ايٽ آريجا ٿاڻي جي ايس ايڇ او منٺار علي عمراڻي کي  ڳجهو اطلاع ملڻ تي آريجا باء پاس روڊ تي سپاھ ساڻ ڪري گهربل جوابدار سڌير پٽ محبوب علي چنو کي رپيٽر ۽ ڪارتوسن سميت گرفتار ڪري ورتو آهي جنهن تي گناھ نمبر 17-2020 ۽ ڏوھ قلم 149 148 353 324 402 تحت ايف آءِ آر داخل ٿيل هئي  هوڏانهن ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او منٺار علي عمراڻي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڳجهو اطلاع ملڻ تي گهربل جوابدار سڌير چنو کي رپيٽر ۽ ڪارتوسن سميت گرفتار ڪيو آهي جيڪو ڳوٺ ڇتو منگي حال بهار ڪالوني مٺاڻي محله لاڙڪاڻي جو رهواسي آهي هن وڌيڪ ٻڌايو ته جوابدار سڌير چنو تي لاڙڪاڻي ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي ڪيس داخل ٿيل آهن وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.

درياخان مري ويجهو چور درگاهه مان پکا ۽ بيٽري چورائي ويا

درياخان مري (ن ع آ ) دريا خان مري ٿاڻي جي حد ڳوٺ مقبول وڳڻ ڀرسان درگاھ جت فقير مان چور ٻه ڇت وارا پکا ۽ بيٽري چوري ڪري فرار ويا درگاه جت فقير جي مجاور فقير نظير احمد چانڊيو صحافين کي ٻڌايو ته چور درگاه مان ٻه ڇت وارا پکا ۽ هڪ بيٽري چوري ڪري فرار ٿي ويا آھن ھن وڌيڪ چيو ته چور درگاه جت فقير  جي قبر تي چڙهي پکا لاٿا آھن ۽ قبر جي بي حرمتي ڪئي آھي مجاور ٻڌايو ته درگاھ ۾ لڳل پاڻي وارو موٽر پڻ چورن چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي مگر چور موٽر پٽي نه سگهيا  ۽ چور اڳ م به ٻه ٽي دفعا درگاھ تان چوري ڪري ويا آھن مجاور ايس ايس پي نوشھروفيروز ڊي ايس پي نوشھرو فيروز ايس ايڇ او درياخان مري کي اپيل ڪئي ته درگاه جي چوري ڪندڙن ۽ قبرن جي بي حرمتي ڪندڙ چورن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي ٻي صورت م احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

نوابشاهه ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي 25 سال قيد جي سزا ٻڌائي

نوابشاهه(ڊ ر) فرسٽ ايڊيشنل ڪرمنل ماڊل ڪورٽ شهيد بينظير آباد جي جج آصف مجيد قريشي جي عدالت قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار امام الدين کوسو کي 25 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي واضح رهي ته هڪ سال اڳ بالو جا قبا ٿاڻي جي حد ۾ جوابدار امام الدين کوسو علي خان جتوئي کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو هو جنهن جي ايف آئي آر متول جي ڀاءُ غلام قادر جتوئي بالو جا قبا ٿاڻي تي داخل ڪرائي هئي.

بهارو لڳ ڪمپني ملازمن کان ڦر

بهارو (ن ع آ ) بهارو ڀرسان بھارو ٿاڻي جي حد ڳوٺ مجھد ڀرسان ڪولگيٽ پامولو پاڪستان ڪمپني جا ملازم سپلائي لاءِ بھارو کان اڳڙا وڃي رھيا ھئا ته بھارو /راضيديرو لنڪ روڊ تي ڳوٺ مجھد ڀرسان ٻن نامعلوم ھٿياربندن کين يرغمال بڻائي 1 لک 55 ھزار روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا، متاثرين بھارو ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي ڇڏي، بھارو پوليس جاءِ واردات جو معائنو ڪرڻ بعد جاچ جو چئي هلي وئي،

جوهي ۾ پ پ اڳواڻ جي اٽي چڪي مان چوري

جوهي (ن ع آ  ) جوهي ڇني روڊ تي سپاف تعلقي جوهي جي اڳوڻي صدر پ پ اڳواڻ  شوڪت راز رند جي گذريل رات نا معلوم چور اٽي جي چڪي جي دڪان جا تالا ٽوڙي چار ڪڻڪ جا ڪٽا 6 کان وڌيڪ اٽي جاڪٽا ۽ ٻيو سامان ٻھاري ويا آھن  پ پ اڳواڻ شوڪت راز رند ميڊيا وارن کي ٻڌايو ته جوهي ڇني روڊ سان پوليس پوسٽ ۽ پوليس جو  گشت نه هئڻ ڪري چورين ڦرن بد امني ۾ اضافو وڌندو پيو وڃي هن چيو ته لڳي ائين رهيو آھي ته منهنجي چوري هڪ ٽارگيٽ تحت ڪئي وئي آھي هن چيو ته اهڙي چوري جي واردات خلاف جوهي ٿاڻي تي   اين سي داخل ڪرائي آھي مگر پوليس اڃاتائين ڪاب پيش رفت ناهي ڪئي آخر ۾ ھن ايس ايس پي دادو ۽ ٻين اختيارين کان پرزور مطالبو ڪيو آھي ته ٿيل چوري واپس ڪرائي جوهي ڇني روڊ تي پوليس گشت شروع ڪري پوليس پوسٽ قائم ڪري  امن امان بحال ڪرايو وڃي.

خيرپور جي عدالت چوري ڪيس ۾ چئن ڄڻن کي اشتهاري قرار،ملڪيت ضبط ڪرڻ جو حڪم

خيرپور (ڊر) خيرپور  ۾ سول جج صيف الله ڦلپوٽو جي عدالت بي سيڪشن ٿاڻي جي هڪ چوري جي الزامن هيٺ داخل ٿيل ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل عبيد رند، عبدالعزيز ولد عبدالحميد مغل ۽ رحمان عرف عبدالرحمان ولد امام ڏنو منگي خلاف قلم 87 / 88 جي ڪاروائي ڪندي کين اشتهاري ڏوهاري قرار ڏيئي سندن ملڪيت ضبط ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي هوڏانهن فورٿ سول جج راجا مشهود حسين قريشي عرف راجا قريشي جي عدالت پڻ ٽنڊومستي ٿاڻي جي هڪ خوني ڌمڪيون ڏيڻ جي الزامن هيٺ داخل ٿيل ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل جمال الدين ولد الهرکيو مري کي اشتهاري ڏوهاري قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

نوابشاهه ۾ وياجن هٿان قتل ٿيل پورهيت  جو لاش ٻن ڏينهن بعد وارث کڻائي ويا

نوابشاهه(رپورٽ : اڪرم چانڊيو) گذريل ڏينهن وياج خورن ھٿان قتل ٿيل مقتول محمود ڀٽي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ سبب وارثن احتجاجن جوابدارن جي گرفتاري تائين مقتول جو لاش نه دفنائڻ جو اعلان ڪيو هو ۽  مقتول جي لاش کي پي ايم يو اسپتال جي سرد خاني ۾ رکيو ويو اڄ ٻئين ڏينهن به جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مقتول جي وارثن پي ايم يو اسپتال جي سرد خاني وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ۽ سخت نعريبازي ڪئي انهي موقعي تي مقتول جي ڀاءُ علي گوهر چيو ته نوابشاهه ۾ جهنگهه جو قانون آهي جيڪڏهن ڪنهن زرداري کي ڪو رهنڊ به اچي ها ته انهي جوابدار جا ٻچا کنڀجي وڃن ها ۽ انهي جو گهر به پٽ ٿي وڃي ها پر منهنجي ڀاءُ کي بيدردي سان قتل ڪندڙ جوابدار با اثر آهن تنهن ڪري پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ انهن کي تحفظ ڏئي رهي آهي، هن چيو ته قتل ۾ ملوث زرداري ھائوس نوابشاهه جو ٽيليفون آپريٽر نظير زرداري، جنيد ۽ ماجد زرداري جيستائين گرفتار نه ٿيندا تيستائين لاش نه دفنائينداسين ۽ احتجاج جاري رهندو جڏهن ته 26 ڪلاڪن کانپوءِ ايم پي اي فريال ٽالپر مقتول جي ماسات ميونسپل ڪميٽي جي وائيس چيئرمين خان بهادر ڀٽي ۽ ٻين وارثن سان فون تي رابطو ڪري خاطري ڪرائي ته قتل ۾ ملوث جوابدار جلد گرفتار ٿيندا ايم پي اي فريال ٽالپر جي اهڙي خاطري کانپوءِ وارث مقتول جو لاش کڻائي گهر روانا ٿي ويا جنازي نماز ادا ڪئي وئي جتي مختلف مڪتب فڪر جي سوين ماڻهن جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو ٻئي طرف مقتول محمود ڀٽي کي اغوا ڪرڻ جا سي سي ٽي وي فوٽيج منظر عام تي اچي ويا آهن  جنهن ۾ جوابدار مقتول محمود ڀٽي کي زبردستي گاڏي ۾ ويهاري رهيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.