آريجن لڳ ٻارڙي کڏ ۾ ٻڏي فوت

خير محمد آريجا (ن ع آ) خير محمد آريجا لڳ ڳوٺ نيڪ محمد ٻرڙو ۾ شوڪت ٻرڙو جي 5 سالا معصوم نياڻي انيتا ٻرڙو کي سندس ماءُ کٽ تي سمهاري گهر جو ڪم ڪار ڪري رهي هئي ته پنهنجي ئي گهر ۾ پاڻيءَ جو کڏو هو معصوم نياڻي اوچتو ننڊ مان اٿي کيڏندي کيڏندي کڏي ۾ ڪِري ٻڏي فوت ٿي وئي سندس ماءُ کي اها ئي خبر هئي ته منهنجي نياڻي ننڊ پئي آهي جڏهن کڏي مان لاش ترڻ لڳو ته جنهن بعد لاش تي ماءُ جي نظر پئي ته هي لاش ته انيتا جو آهي جنهن سبب ماءُ کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا هئا معصوم نياڻي جو لاش ڪڍي جنازي نماز بعد اباڻي قبرستان ڳوٺ نيڪ محمد ٻرڙو ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو جڏهن ته جنازي نماز ۾ سياسي سماجي اڳواڻن ٻرڙا برادري جي ماڻهن سميت علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي وارثن سان تعزيت جو سلسلو هلندڙ آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.