ماٿيلي لڳ ٽرالر جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار فوت

ميرپورماٿيلو (ن ع آ) ميرپورماٿيلو ويجهوايف ايف سي ڀاڻ فيڪٽري جي سامهون نيشنل ھائي وي تي موٽرسائيڪل ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار ڳوٺ لال بخش کوکر جو رھواسي  نظير احمد کوکر ٿڏي تي فوت ٿي ويو جڏهن ته اطلاع تي ميرپورماٿيلو پوليس فوتي جو لاش کڻائي سول اسپتال ميرپورماٿيلو پھچايو جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ھوڏانھن ٽرالر ڊرائيور ٽرالر کي واقعي واري ھنڌ ڇڏي فرار ٿي ويو آھي جڏهن ته ميرپور ماٿيلو پوليس پهچي ٽرالر کي پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آھي، آخري اطلاع واقعي جو ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.