نوري آباد لڳ ٽرالر ۽ ڪار ۾ ٽڪر 3 نوجوان فوت

ڪوٽڙي ( ت ر ) ڪراچي حيدرآباد موٽروي  تي لوڻي ڪوٽ ٿاڻي جي حد ۾ پوليس چوڪي 10 وٽ پالاري موڙ تي خوفناڪ  حادثو، ڪراچي کان حيدرآباد ويندڙ تيز رفتار ڪلٽس ڪار اڳيان ويندڙ ٽرالر ۾ پويان لڳڻ سبب خوفناڪ ٽڪر حادثي  نتيجي ڪار ۾ سوار 3 ڄڻا فوت، 2 ڄڻا موقعي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته ھڪ ڄڻو نوري آباد ٽراما سينٽر تي زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو، فوتين جي سڃاڻپ ڪراچي واسي عمران علي جيڪو  ملير جو رھواسي آهي، ٻئي جي سڃاڻپ عطا الله پٺاڻ جيڪو اپر دير ڪي پي ڪي  جو رھواسي طور ٿي آھي. حادثي واري ھنڌ تي لوڻي ڪوٽ پوليس پھچي مڙھ ضروري ڪارروائي بعد  ڪوٽڙي جي ڊي ايڇ ڪيو  اسپتال  منتقل ڪيا، جتان ضروري ڪارروائي  بعد وارثن حوالي ڪيا ويا،  ھوڏانھن  ٽرالر ڊرائيور سميت لوڻي ڪوٽ پوليس پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيا پر آخري اطلاعن تائين  ڪيس داخل نه ٿيو هو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.