ٽنڊي آدم لڳ ٽرين هيٺيان اڻڄاتل همراهه اچي فوت

ٽنڊوآدم ( ت ر) ٽنڊي آدم لڳ وهاب شاھ ريلوي اسٽيشن وٽ ريلوي ٽريڪ پار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي نامعلوم نوجوان لاهور کان ڪراچي ويندڙ علامه اقبال ايڪسپريس هيٺيان اچي ڪٽجي فوت ٿي ويو  اطلاع تي ريلوي پوليس لاش کي کڻائي تعلقا اسپتال پهچايو جتي ڪيترائي ڪلاڪ پيو رهڻ جي باوجود سڃاڻپ نه ٿيڻ ڪري کيس لاوارث قرار ڏئي ايڌي رضاڪارن جي حوالي ڪري ڇڏيو جن کيس مقامي قبرستان ۾ دفنائي ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.