ميرپورخاص ۾ ڪسٽم جو ڇاپو، غيرقانوني سگريٽ ضبط، احتجاج

ميرپورخاص (بيورو) حيدرآباد کان آيل ڪسٽم ٽيم ميرپورخاص جي هلال مارڪيٽ تي ڇاپو هڻي مختلف دڪانن مان لکين  روپين جي ماليت جون غيرقانوني سگريٽون هٿ ڪرڻ بعد ضبط ڪري گاڏين ۾ کڻي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي تي سوين دڪاندارن ڪسٽم عملي ۽ گاڏين جو گھيرائو ڪري ڪسٽم عملدارن خلاف ڇتي نعريبازي ڪندا رهيا احتجاج سبب شهر جو مک روڊ بلاڪ ٿي ويو، روڊ بلاڪ ٿيڻ بعد  ٽريفڪ پوليس  پهچي روڊ کولرائڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن دوران واپاري تنظيمن جا اڳواڻ هلال مارڪيٽ پهچي ڪسٽم عملدارن سان ڳالهيون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن دوران ڪسٽم ٽيم پاران ضبط ڪيل سگريٽن جي ڪارٽونن سان ڀريل مزدا کي ڪسٽم پوليس جا اهلڪار ڪاهي روانا ٿي ويا. ان موقعي تي دڪاندارن دانهيو ته ڪسٽم وارا اسان دڪاندارن کان پئسا به وٺن ٿا ۽ ٻن ٽن مهينن بعد ڇاپو هڻي سگريٽون به کڻي وڃن ٿا جيڪو اسان سان ظلم آهي، هنن مطالبو  ڪيو ته   ضبط ڪيل   سگريٽ  واپس ڪرايا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.