گهوٽڪي لڳ نينگري واهه ۾ ٻڏي فوت، ٻن ڪلاڪن بعدلاش هٿ

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي ويجهو سرحد ڀرسان ڳوٺ عبدالله لکڻ ۾ 7 سالا نينگري ايان علي ولد فاروق علي لکڻ ٻنڌ مائينر ۾ ڪري پئي جنهن جو ٻن ڪلاڪن جي ڳولا بعد لاش هٿ ڪيو ويو جنهن جو لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو.

پير جوڳوٺ ميو نسپل چيئرمين سان بدتميزي ڪندڙ اڳو ڻو سي ايم اومعطل

پيرجوڳوٺ( ن ع آ). چار ڏينهن اڳ پيرجوڳوٺ جي چيئرمين سيد نجيب الله شاه راشدي پاران بدعنواني جي الزامن هيٺ بدلي ٿي آيل سي ايم او عبدلوحيد ڊومڪي کي  جوائننگ ڏيڻ کان انڪار ڪيو جنهن تي سي ايم او عبدلوحيد ڊومڪي پاران هٿيار بند ساڻ ڪري زبردستي چيئرمين آفيس جا تالاٽوڙي چيئرمين جي ڪرسي تي ويهڻ. چيئرمين سان بدتميزي ڪرڻ واري معاملي جو بلديات جي وزير پاران نوٽيس وٺندي اڳوڻي سي ايم او عبدالوحيد ڊومڪي کي معطل ڪري ڪراچي آفيس ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي نوٽيفڪيشن جاري ڪندي شفيق احمد ڀٽو کي ميونسپل چيف آفيسر  جي عهدي تي ڪم جاري ڪرڻ جو حڪم ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.