قاضي احمد ٽائون ڪاميٽي جي گاڏي رڪشا مٿان چڙهي وئي، 3 زخمي

قاضي احمد ( ن ع آ ) قاضي احمد ٽائون ڪميٽي جي ڪچري کڻڻ واري گاڏي جي اوچتو بريڪ فيل ٿيڻ سبب پوليس ٿاڻي سامهون بيٺل  رڪشا ۽ موٽر سائيڪل سوارن مٿان چڙھي وئي ٽڪر لڳڻ سبب شھباز علي ڇٽو ، محمد رمضان چانڊيو رڪشي جو ڊرائيور مرتضي جوڻيجو سميت ٽي ڄڻا  سخت زخمي ٿي پيا، جن کي فوري طور تي مقامي اسپتال پهچايو ويو جتي هڪ ڄڻي رمضان چانڊيو جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب کيس نواب شاھ پي ايم يو اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي جڏھن ته پوليس ٽائون ڪميٽي جي گاڏي ۽ ڊرائيور کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

ڪشمور ۾ صحافي سميت 4 ڄڻن کان ڦر ۽ اغوا جي  ڪوشش

ڪشمور (ڊر)  ڪشمور ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب جي سينيئر نائب صدر دليپ ڪمار ڪيسواڻي پنهنجي ٻن دوستن غلام سرور ملڪ، ناصر دشتي ۽ ڊرائيور سان گڏجي ڪار تي سوار ٿي لاڙڪاڻي ۾ پيشي تي وڃي رهيو هو ته ڪرمپور وٽ مين روڊ تي نامعلوم هٿياربندن پاران ڦر ۽ اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن دوران ڊرائيور چالاڪي ڪندي ڪار ڀڄائي ڦر توڙي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، ان  حوالي سان صحافي  دليپ ڪمار ڪيسواڻي ٻڌايو ته ڊرائيور جي   همت افزائي سبب اغوا ۽ ڦر کان بچي وياسين.هن چيو ته ضلعي ۾ بدامني چوٽ آهي، نوٽيس وٺي امن قائم ڪرايو وڃي.

ميهڙ ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ضلعي دادو جو اجلاس، لاڙڪاڻي  بک هڙتال ۾ شرڪت لاءِ  تياريون

ميھڙ ( ن ع آ ) ميهڙ ۾ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي ضلعي دادو جو اجلاس زير صدارت مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري غلام مصطفيٰ چانڊيو، ڊويزنل صدر ڊاڪٽر مظهر مغل ۽  سڪندر سوڍر ضلعي صدر جي آفيس ميهڙ ۾ ٿي گذري ڊاڪٽر برڪت  جتوئي، حميد سومرو، حاجي خان، ڪامريڊ  عباس چانڊيو ،نظير ٻٻر ، علي عمراڻي  ڊپٽي  سيڪريٽري  قاضي زاھد علي قريشي، ڊاڪٽر محب ڦلپوٽو،  شبير منگي، غلام محمد گاڏھي، حاجي اسحاق  سوڍر، صدام حسين چانڊيو، محمد خان جتوئي،  ثاقب  مھيسر،  مجيد سوڍر، پپن ٿيٻو، حليم سوڍر، امير بخش چاچڙ ۽ ٻين شرڪت  ڪئي،اجلاس ۾ مرڪز طرفان ڌارين جي آبادگاري  خلاف ھلندڙ  ڊويزنل  سطح  تي 24 ڪلاڪ بک ھڙتال  جي سلسلي ۾ ھن مھيني  جي 15 ۽ 16 آگسٽ  تي لاڙڪاڻو  ۾ رکيل 24 ڪلاڪن جي بک ھڙتالي  ڪيمپ  تي شرڪت  ڪرڻ لاءِ ضلع دادو مان 15 آگسٽ  تي ايس يو پي آفيس ميھڙ مان مرڪزي اڳواڻن  محترم  روشن ٻرڙو  جي اڳواڻي  ۾ 2 بجي منجھد نڪرندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.