ڪنري ڀرسان سڱاوتي تڪرار تان پوليس سامھون فائرنگ، نوجوان قتل

ڪنري (رپورٽ:وسرام چند مڪواڻا) ڪنري ويجھو ڳوٺ فيض محمد ڪپري ۾ سڱاوتي تڪرار تان ڪپري برادري جون  ٻه ڌريون آمھون سامھون ٿي پيون ۽ ھٿيارن جا منھن کولي ويا، جنھن دوران جوابدارن 35 ورھين جي  يار محمد ڪپري کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو، ٻڌايو پيو وڃي ته جوابدار ڌر وارن جي شادي جي نڪاح ٿي رھيو ھو ۽ مقتول يار محمد ڪپري نڪاح روڪڻ جو چيو، جنھن تي جوابدارن گوليون ھڻي کيس قتل ڪيو، مقتول نوجوان جي وارثن دانھيندي ٻڌايو ته جوابدار ڌر وارن جي  نياڻي جو نڪاح ٿي رھيو ھو، جنھن کي روڪڻ جو چوڻ تي جوابدارن پوليس جي سامھون يار محمد ڪپري کي گولين جو کاڄ بڻايو، ھنن ٻڌايو ته پڪو موڙ پڪٽ جي پوليس نڪاح جي تقريب دوران اُتي موجود ھئي ۽ جوابدار ڌر کي پروٽوڪول ڏئي رھي ھئي، ان موقعي تي جوابدارن پوليس جي سامھون نوجوان کي قتل ڪيو، ٻئي پاسي مقتول جي لاش کي تعلقي اسپتال ڪنري آندو ويو، جتي ڪپري برادري ۽ شھري وڏي انگ ۾ پھچي ويا، ان دوران ڪپري برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٻيھر ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي ۽ پوليس پھچي ڌرين کي ڇڙوڇڙ ڪيو، مقتول جي لاش کي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، واقعي جي اطلاع ملندي ئي ڪنري پوليس جي وڏي نفري واقعي واري ھنڌ پھچي وئي ۽ ٻن جوابدارن غلام مصطفيٰ ڪپري ۽ صادق ڪپري کي گرفتار ڪري ڪنري ٿاڻي تي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو، جڏھن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.