باقراڻي ۾ لڄالٽ ٿيل نينگري سان نياءِ نه ٿيو، احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) باقراڻي ڀرسان پنج ڏينهن اڳ لڄالٽ جو نشانو بڻيل 12 ورهين جي نينگري جي  واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي باقراڻي پوليس گرفتار نه ڪري سگهي، متاثر نينگري جو پنهنجي پيرسن والدين سان گڏجي احتجاج، جوابدارن کي گرفتار ڪري تحفظ جي گهر ڪري ڇڏي. ان سلسلي ۾ ڪالهه باقراڻي تعلقي جي ڳوٺ يار محمد کوکر ۾ پنج ڏينهن اڳ مبينا لڄالٽ جو نشانو بڻيل 12 ورهين جي نينگري ڪونج کوکر پنهنجي پيرسن پيءُ مينهل کوکر ۽ پيرسن امڙ نسيم خاتون کوکر سان گڏجي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي نينگري ڪونج کوکر صحافين کي ٻڌايو ته آءُ ڳوٺ ۾ سرائي امير کوکر جي گهر ۾ گهرو ڪم ڪندي آهي، پنج ڏينهن اڳ شام ڌاري گهر جو ڪم ڇڏائي ماني کڻي پنهنجي گهر پئي آيس ته گورنمينٽ بوائز اسڪول وٽ ٻن جوابدارن جميل کوکر ۽ سندس ڀاءُ جاني کوکر مون کي زبردستي وٺي لڄالٽ جو نشانو بڻايو رڙين تي مون کي ڌمڪائيندا رهيا اهڙي دانهن مون پنهنجي والدين کي ڏني جنهن حد جي باقراڻي ٿاڻي تي ٻنهي جوابدارن مٿان لڄالٽ جي ايف آءِ آر داخل ڪرائي جنهن تي پوليس ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ۽ بعد ۾ کانئن رشوت وٺي آزاد ڪيو ويو. هن الزام لڳايو ته جوابدارن جو هڪ ڀاءُ سهيل کوکر جيڪو پاڻ پوليس اهلڪار آهي گڏوگڏ باقراڻي پوليس جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آهي جنهن ڪري جوابدار گرفتار ناهي ٿيا ويتر منهنجي پيرسن والدين کي ڪيس تان هٿ کڻڻ توڙي فيصلي جي لاءِ موتمار ۽ ڳوٺ مان لڏائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته منهنجا والدين غريب ۽ مسڪين آهن، جوابدارن منهنجي لڄ لٽ ننڍي عمر ۾ منهنجي زندگي تباهه ڪري ڇڏي آهي. متاثر نينگري سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، سنڌ جي وڏي وزير، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي اپيل ڪئي ته لڄالٽ واري واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري گهر ڀاتين سميت تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

اڪري چودڳي لڳ سماجي اڳواڻ نظير احمد سپراهه 103 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

اڪري چودڳي ( ن ع آ ) اڪري ڀرسان ڳوٺ لال خان سپراهه واسي سماجي اڳواڻ ۽ علائقي ۾ غريبن ۽ مسڪين ماڻهن جي مالي  توڙي سماجي مدد ڪندڙ نظير احمد سپراهه 103 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، سندس جي جنازي نماز ۾ علائقي جي سياسي سماجي اڳواڻن توڙي برادري سميت علائقي جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.