پاڪستان جي آزادي جو ڏينهن

ايڊيٽوريل

پاڪستان هڪ وفاقي ملڪ آهي، جنهن ۾ سنڌ، پنجاب، بلوچستان، خيبر پختونخواهه ( اڳوڻو سرحد) ملڪ جي وفاق ۾ رضاڪارانه طور تي شامل ٿيا هيا، انهن ايڪن ۾ 1971ع کان اولهه پاڪستان ( جيڪو هاڻي بنگلاديش آهي ) به پاڪستان جي وفاق جو حصو هو، پاڪستان جو قيام عملي طور تي سائين جي ايم سيد پاران سنڌ اسميبليءَ مان 3- مارچ 1943ع تي اڪثريت راءِ سان منظور ڪرايل قرار داد پاڪستان آهي جنهن بعد ئي اهو ممڪن ٿيو ته پاڪستان جو قيام عمل ۾ اچي.

آزادي بجا طور تي هڪ نعمت آهي جنهن جو قدر ٿيڻ گهرجي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته آزاديءَ جي بقاءَ صر صورت ۽ شڪل ۾ قائم رکڻ گهرجي، جڏهن ڪابه قوم پنهنجي آزاديءَ جو قدر نه ڪندي آهي ۽ ان جي بقاءَ لاءِ پرامن ۽ انصاف تي منبي معاشرو قائم نه ڪندي آهي تڏهن اها قوم وري غلاميءَ جي بدترين دٻڻ ۾ ڦاسي پوندي آهي، هن وقت پاڪستان پڻ اهڙي ئي صورتحال مان گذري رهيو آهي، اها هن ملڪ جي بدنصيبي آهي  جو پاڪستان جي قيام کان وٺي ملڪ ۾ نه ته جمهوريت مستحڪم ٿي سگهي آهي ۽ نه ئي وري ملڪ جي معيشت ڪا ترقي ڪري سگهي آهي، ٻيو ته ڇڏيو ملڪ جي سماجي ۽ عوام جي انساني ترقيءَ وارا شعبا به تباهه حال لڳا پيا آهن.

ملڪ جو سياسي ڌانچو جيئن ته وفاقي آهي، ان ۾ اها ڳالهه پس و پيش انتهائي ضروري آهي ته آزاديءَ بعد جيڪي به ملڪ، صوبا يا پرڳڻا پاڪستان جي وفاق ۾ شامل ٿيا هئا، انهن سان انصاف ٿيڻ گهرجي ۽ وري انهن يونٽن/ ايڪن/ صوبن کي به هڪ ٻئي سان انصاف جي روش قائم رکڻ گهرجي. پر پاڪستان جي سياسي تاريخ اها ڳالهه چڱي پر ٻڌائي ٿي ته حقيقتون انهن جي ابتڙ آهن، هن ملڪ ۾ شروع کان وٺي ملڪ جي سياسي نظام تي سگهارين ڌرين ۽ قوتن جو غير ضروري اثر رهيو آهي، جنهن ملڪ جي سياسي تاريخ کي انتهائي مفلوج ڪري تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي، ملڪ جي تاريخ جي اڌ جيتري عرصي تائين سڌيون سنيون مارشل لا جون حڪومتون رهيون آهن، جڏهن ته باقي جيڪي سال ملڪ تي جمهوري حڪومتون رهيون آهن اهي به اڻ سڌي نموني سگهارين ڌرين جي  اثرن ۾ رهيون آهن يا جيڪڏهن سگهارين  ڌرين جي اثرن ۾ نه رهيون آهن ته اهي وري انهن جي دٻاءَ ۾ رهيون آهن  مجموعي طور تي انهن سمورين حڪومتن ملڪ جي عوام، سماج ۽ سياسي ادارن جي ترقيءَ لاءِ ڪو گهڻو ڪجهه ڪري نه ڪيوآهي، ملڪ ۾ جيڪا سياسي ۽ سماجي ترقي ٿي آهي اها رڳو ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ ئي ٿي آهي، جنهن کان پوءِ ترقيءَ جو سلسلو جهڙوڪر رڪجي ويو آهي.

تاريخ جي هن موڙ تي هاڻي صورتحال اها آهي ته  1947ع ۾ وجود ۾ ايندڙ ملڪ ٻه اڌ ٿي ويو، ملڪ ۾  ٽيهن سالن جي لڳ ڀڳ غير جمهوري آمريتي حڪومتون رهيون، ملڪ جو هن وقت تائين نه ته پارلياماني سياسي نظام مستحڪم ٿي سگهو آهي ۽ نه ئي وري مهذب سياسي روايتون قائم ٿي سگهيون آهن، ملڪ جي سياسي تاريخ ۾ وفاق ملڪ جي ايڪن سان نه ته انصاف ڪري سگهيو آهي ۽ نه ئي انهن کي حق ڏئي سگهيو آهي، وفاق جي ايڪن سنڌ ۽ بلوچستان سان انتهائي زيادتين جو سلسلو جاري آهي جيڪو هاڻي پنهنجي انتها تي پهتو آهي، ان بعد زيادتين جو رڳو رد عمل ئي نڪري سگهي ٿو،

ملڪ جي معيشت گذريل ستر سالن ۾ مستحڪم ٿي نه سگهي آهي موجوده حڪومت ۾ ته صورتحال اتي وڃي پهتي آهي جو ملڪ جي جي ڊي پي منفي رخ ۾ هلي پئي آهي، ملڪ جو نه ته پيداوري سرشتو ڪارگر ٿي سگهيو آهي ۽ نه ئي وري پرڏيهي واپار ترقي ڪري رهيو آهي، افغان جنگ ڪري لکين افغاني اڄ به ملڪ جي معيشت تي بار بڻيل آهن، ان کان سواءِ به مختلف ملڪن جا لکين ڌاريا غير قانوني طور تي ملڪ ۾ مقيم آهن جن جي اڪثريت سنڌ ۾  آباد آهي ۽ خاص ڪري سنڌ جي گاديءَ واري هند ڪراچيءَ ۾ گهر ڪري ويٺل آهي، ڪشمير مسئلي تي ملڪ جي ڪا به حڪومت ڪابه سوڀ ماڻي نه سگهي آهي، هاڻي ته پاڪستان جي سڀ کان وڏي ۽ ويجهو اسلامي دوست ملڪ سعودي عرب به والاريل ڪشمير جي مسئلي تي پاڪستان جي موقف کي رد ڪري ڇڏيو آهي، ملڪ جو ڪوبه وڏو ادارو فائدي ۾ نه آهي، بدترين مالي ۽ انتظامي بدحاليءَ ڪري تباهه ۽ برباد آهي اسٽيل ملز ان جو مثال آهي.

مٿي جيڪا به صورتحال بيان ڪئي وئي آهي، اها اهو بيان ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي، ته وفاق پنهنجن ايڪن سان انصاف نه ڪيو آهي، وري ملڪ جي ٻن اهم ايڪن سنڌ ۽ بلوچستان سان انتهائي زيادتين جو سلسلو جاري آهي، گذريل ستر سالن ۾ ملڪ تي سڌي ۽ اڻ سڌي نموني جاري رهندڙ آمريتي حڪومتن ملڪ جي سياسي، اقتصادي ۽ سماجي ڍانچي کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي صورتحال اها آهي ته ملڪ جي عوام ۾ ايڪو نه آهي، ملڪ  اندر سياسي صورتحال غير يقينيءَ واري آهي، صوبن وچ ۾ ڪيترن ئي مسئلن تي ڪو اتفاق نه آهي، ملڪ ۾ توانائي، پاڻي ۽ خوراڪ جي شين جو بحران رهي ٿو، مجموعي طور ته هن وقت ملڪ ۾ ۽ ملڪ کان ٻاهر اهو تاثر آهي ته پاڪستان تي سياستدانن بجاءِ مافيائن جي حڪومت آهي.

اسين سمجهون ٿه ته پاڪستان موجوده صورتحال ۾ ملڪ جي سياسي بهتري، وفاق جو استحڪام، معاشي ترقي ڪنهن به طور تي بهتر نه آهي، جنهن جو هر صورت ۾ نيتجو ملڪ جي آزاديءَ کي نقصان رسڻ آهي، جنهن جي پهرين صورت ملڪ جي معيشت جو زوال آهي، ۽ پاڪستان جي معيشت زوال پزير ٿي چڪي آهي. اهڙي صورتحال ۾ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ملڪ جي اقتدار اعلى کي پنهنجي سوچ، فڪر ۽ سياسي حڪمت عملين تي وري سوچڻو پوندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.