جشن آزادي، غريب عوام ۽ پاڪستان ۾ مختلف حڪومتون 

منصور احمد نظاماڻي 

14 آگسٽ 1947 ع تي پاڪستان جو وجود دنيا جي نقشي تي نمودار ٿيو ۽ اڄ 14 آگسٽ آزادي جي ڏهاڙي جي حوالي سان تمام جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي،  ملي نغما، ٽي وي شوز، فوج جي سلامي، پنهنجي وطن خاطر شهيد ٿيلن کي ڀيٽا ۽ ٻيا ننڍا وڏا رٿيل پروگرام پنهنجي طئي ٿيل وقت تي ادا ڪيا پيا وڃن، ۽ دنيا جي لڳ ڀڳ 200 ملڪن کي اهو ٻڌايو ويندو ته اسان پنهنجي ملڪ جي انچ انچ جا محافظ آهيون. پنهنجي وطن تي جان ۽ مال قربان ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار آهيون. ۽ اسان دنيا کي زنده قوم هجڻ جو ثبوت ڏينداسين ته اسان پاڪستاني هڪ قوم آهيون. اسان جي وڏڙن لکين جانين جو نذرانو ڏئي هن ملڪ جو بنياد وڌو آهي. اڄ هن ملڪ کي قائم ٿيندي 73 ورهين پورا ٿيندا جيڪو هڪ ڊگهو عرصو آهي.

هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا هن ملڪ کي جنهن مقصد خاطر ٺاهيو ويو اهو مقصد حاصل ٿيو. ڇا قائد اعظم محمد علي جناح جو اهو خواب پورو ٿيو جنهن ۾ هر ماڻهو کي پنهنجا حق ملن ۽ اهي سڀ بنيادي سهولتون مهيا ٿيل هجن جيڪي هڪ ترقي يافته ۽ جمهوري ملڪ جي ماڻهن کي مليل آهن. مگر افسوس هڪ ڊگهو عرصو گذرڻ باوجود  هن ملڪ جون حالتون ڏينهون ڏينهن ابتر ٿينديون پيون وڃن، هر نئون ڏينهن ملڪ مٿان مشڪلاتن جا جبل ڪرائي رهيو آهي. اسان جي اها بدقسمتي چئبي ته پاڪستان کي وجود ۾ ايندي اڃان هڪ سال ئي مس ٿيو ته ملڪ جو باني قائد اعظم محمد علي جناح هي جهان ڇڏي وڃي پنهنجي خالقِ حقيقي سان مليو. ملڪ جي پهرئين وزير اعظم لياقت علي خان کي هڪ مختصر عرصي جي دوران قتل ڪيو ويو جيڪو هن  ملڪ لاءِ هڪ وڏو الميو هو. 1958ع تائين ملڪ ۾ جوڙ توڙ جي ڪري ست وزيراعظم تبديل ٿيا. جنهن ۾  لياقت علي خان، سر خواجه ناظم الدين، محمد علي بوگره، چوڌري محمد علي، حسين شهيد سهروردي، ابراهيم اسماعيل چوڌري ۽ سر فيرز خان نون اچي وڃن ٿا. ڪنهن به پنهنجو مدو پورو ڪونه ڪيو ۽ ملڪ ۾ انتشار ۽ انارڪي وارو ماحول برقرار رهيو.

جنهن جي ڪري 1958ع ۾ صدر ايوب ملڪ تي قابض ٿيو ۽ ملڪ جي اڇي ڪاري جو مالڪ ٿي ويهي رهيو. آمريڪا سان قربت ڪري هندوستان سان 1965ع ۾ جنگ جوٽي ويئي جنهن جي ڪري اسان جي ملڪ کي تمام گهڻو قابل برداشت ڪرڻو پيو، معاشي ۽ اقتصادي  نقصان ٿيو. ملڪ قرض کڻڻ تي مجبور ٿيو. 1965ع  ۾ ئي ملڪ ۾ ون يونٽ جو نظام لاڳو ڪيو ويو جيڪو انتهائي افسوس ناڪ عمل هو جنهن ڪري صوبن جي سڃاڻپ کي ملڪمل طور تي ختم ڪري ملڪ ۾ فقط ٻه صوبا قائم ڪيا ويا، جن مان هڪ اولهھ ۽ ٻيو اوڀر صوبو جنهن کي اولهھ پاڪستان ۽ اوڀر پاڪستان چيو ويندو هو، مٿان وري ڀٽي صاحب جا عوامي ميڙاڪا، جلسا جلوس ۽ عوام جي ردِ عمل سان ملڪ ۾ نظام درهم برهم ٿيو ۽  مهانگائي، بيروزگاري  ۽ غربت  وڌي نيٺ 1969ع ۾ صدر ايوب  پنهنجي عهدي تان استعفى ڏني ۽ صدر يحيى خان کي پنهنجو جان نشين مقرر ڪيو،

صدر يحيى خان جي غلط پالسين، انا ۽  هٺ ڌرمي جي ڪري اوڀر پاڪستان 1971ع ۾ اسان کان هميشه هميشه لاءِ الڳ ٿي بنگلاديش جي نالي سان وجود ۾ آيو، جيڪو پاڪستان جي سالميت تي پهريون وار ثابت ٿيو. 1971ع واري جنگ به ملڪ جي مٿان ڪي سٺا اثر ڪونه ڇڏيا. ان دور ۾ به عوام سک جو ساهه ڪونه کنيو مهانگائي تمام اوج تي رهي. 1973ع ۾ محترم جناب ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ جو نائون وزير اعظم چونڊجي آيو. ان دور ۾ ٿورو گهڻو عوام کي رليف مليو جنهن ۾ هارين ۾ ٻنيو ورهايون ويون. ملڪ جي صنعت کي سرڪاري ڌارا ۾ آندو ويو. ملڪ ۾ نيون نيون نوڪريون پيدا ڪيون ويون، اسٽيل مل جو قيام عمل ۾ آندو ويو ۽ هڪ وڏو ۽ عظيم ڪم ڀٽي صاحب اهو ڪيو جو پاڪستان کي آئين ڏنو، جنهن سان ملڪ ۾ جمهوريت جنم ورتو ۽ پاڪستان سڄي دنيا ۾ هڪ جمهوري ملڪ جي نالي سان مڃيو ويو، ملڪ ڀٽي جي ئي دور ۾ نيوڪليئر پاور بڻيو جنهن جو ذڪر ڊاڪٽر عبدالقدير خان ڪيترن ئي ٽي وي پروگرامن ۾ ڪري چڪو آهي. دنيا ۾ پهرين اسلامي تنظيم جي گڏجاڻي به ذوالفقار علي ڀٽي جي مهربانيءَ ڪري ئي اسلام آباد ۾ ئي ٿي جيڪا تمام وڏي ڪاميابي هئي. پر افسوس ان عظيم ليڊر کي هن ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ برداشت نه ڪيو. ملڪ ۾ سياسي هلچل تيز ٿي وئي روز جهيڙا فساد پيدا ڪيا ويا ۽ مارشل لا جا رستا صاف پئي ڪيا ويا. نيٺ 1977 ۾ ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪئي وئي، آئين کي معطل ڪيو ويو ۽  هن عظيم ليڊر کي رات جي تاريڪيءَ ۾ وزيراعظم هائوس مان ڪڍي جيل  ڀيڙو ڪيو ويو، اهڙي عمل ملڪ جي سياسي تاريخ ۾ هڪ ڪاري باب کي جنم ڏنو جنرل ضياالحق ملڪ جو صدر ٿي ويهي رهيو ۽ آخرڪار هن عظيم ليڊر کي 4 اپريل 1979 ع ۾ شهيد ڪيو ويو.

صدر ضياالحق هن ملڪ کي بندوق ڪلچر ڏنو، جهادي ذهنيت کي اڳيان آندو. افغانستان ۾ آمريڪا جي آشيرواد سان روس سان جنگ وڙهي جنهن جي ڪري اسان جي ملڪ ۾ افغانستان مان ڪٽڪ اچي ڪراچي ۽ ڪوئٽا ۾ آباد ٿيا، جيڪي اسان جي ملڪي معشيت جي  مٿان اضافي بوج ثابت ٿيا ۽ اهي اڄ ڏينهن تائين پاڪستان ۾ آباد آهن جنهن جو ٿلهي ليکي 40 لک کان به وڌيڪ تعداد ٿئي ٿو ۽ انهن افغانين ئي هن ملڪ ۾ هيروئن آندي جنهن ڪري ئي اسان جي قوم ۾ ان نشي جي عادت پئي ان نشي جي عادت ملڪ جي نوجوانن کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو جيڪو هڪ وڏو الميو آهي. صدر ضياالحق جي دور دوران آمريڪي امداد ته آئي پر اهي پئسا عوام جي فلاح ۽ بهبود تي خرچ نه  ٿي سگهيا ۽ ملڪ ۾ اهو ئي راڳ پئي هليو ته ملڪ تباهه ٿي رهيو آهي ۽ محمد خان جوڻيجو ملڪ جو ڪٺ پتلي وزير اعظم به  عوام کي ڪو لاڀ نه ڏئي سگهيو عوام اهو ئي سورن ۾ هو.

صدر ضياالحق 17 آگسٽ 1988 ع ۾ هڪ جهاز حادثي ۾ فوت ٿي ويو ۽ ان کان پوءِ ستت ئي 2 ڊسمبر 1988ع تي ملڪ جي پهرين عورت بينظير ڀٽو پاڪستان جي وزيراعظم ٿي جيڪا اسلامي ملڪن ۾ به دنيا جي پهرين مسلمان عورت وزيراعظم هُئي، محترمه 1998ع تائين ۽ نوازشريف پاڪستان مٿان ٻه، ٻه دفعا ملڪ جا وزير اعظم ٿي چڪا هئا جنهن جي طرز حڪمراني ۾ به ملڪ مٿان عالمي مالي ادارن ۽ مالي مستحڪم ملڪن جا ڳرا قرض چڙهندا رهيا، جنهن جي ڪري به ملڪ ۾ بيرزگاري، مهانگائي، روپئي جي قيمت جو ڪرڻ، ڪرپشن جي بازار گرم رهي جنهن سان ملڪ اندر عوام کي مايوسي ۽ بي چيني ئي نصيب ٿي.

ان کان پوءِ 1998ع کان 2007ع تائين جنرل پرويز مشرف ملڪ جي صدر طور براجمان ٿي رهيو، ان جي دور ۾  ٿوري گهڻي مهانگائي تي ڪنٽرول رهيو ۽ ملڪي خزانو  آمريڪي ڊالر سان  ڀريل رهيو.  ان  جو سبب صرف اهو ئي رهيو جو صدر پرويز مشرف آمريڪا جي 9-11 واري واقعي کان پوءِ افغانستان واري جنگ جو اهم ساٿاري هو. ان جي ڪري اربين آمريڪي ڊالر پاڪستان کي امداد جي طور مليا جنهن سان ملڪ ۾ انفراسٽرڪچر جو هڪ ڄار وڇايو ويو جنهن ۾ روڊن رستن جو ڪافي ڪم ٿيو. ملڪي ناڻو مستحڪم ٿيو.

صدر مشرف جي هوندي پاڪستان جا ٽي وزير اعظم تبديل ٿيا، جنهن ۾ مير ظفرالله جمالي، چوڌري شجاع حسين ۽ شوڪت عزيز . اهي ٽئي پاڪستان جا بااختيار وزيراعظم نه هئا جنهن ڪري ملڪي ڪاروهنوار مڪمل طور صدر پرويز مشرف جي هٿ ۾ هو ۽ مٿان وري بينظير ۽ نواز شريف جو ملڪ ۾ اچڻ ۽ اليڪشن مهم ۾ حصو وٺڻ مشرف جو مٿي جو سور بڻجي ويو هو.  لال مسجد،  بگٽي ، ڪراچي مئي  وارو واقعو ۽ مٿان  وري بينظير جو شهيد ٿيڻ جي ڪري مشرف پنهنجي ملڪ مٿان گرفت مڪمل وڃائي چڪو هو ۽  ملڪ ۾ انتشار ۽ انارڪي وارو ماحول لڳو پيو هو. ان خراب ملڪي حالتن جي ڪري پاڪستاني عوام عذاب ۾ مبتلا ٿئي چڪو هو ۽ عوام ۾ مشرف خلاف تمام گهڻو غم ۽ غصو هو. جنهن عوام 2008ع واري اليڪشن ۾ پ پ پ کي ووٽ ڏئي اقتدار ۾ آندو ۽ مشرف به ان سال پنهنجو عهدو ڇڏي وڃي دبئي ۾ رهائش اختيار ڪئي.

پ پ جي طرز حڪمراني ۾ به ٻه وزيراعظم تبديل ٿيا جيڪي يوسف رضا گيلاني ۽ راجا پرويز اشرف هئا. 18 هين ترميم پ پ جي دور جو  هڪ سونهري عمل آهي جنهن ڪري صوبن  ۾ ناڻي جي ورڇ مناسب طريقي سان ڪئي وڃي ٿي ۽ صوبا ان سان مڪمل هم آهنگي سان اعتماد ۾ آهن ۽ ان سان صدر جا اختيار ختم ڪري ملڪ جي وزيراعظم کي مڪمل اختيار ڏئي طاقتور ڪيو ويو . اهو پ پ جو پورو دور اسيمبليءَ ۾ گوڙ شور  ٿيندا رهيا ۽ ڳالهھ وري ڦري گهري  جيڪا عوام تي دنگ ٿي ڪري ته اهو دور به عوام جي لاءِ ڪو لاڀائتو ثابت ڪونه ٿيو جنهن سان عوام جي زندگيءَ ۾ ڪو سڌارو ڪونه آيو. پ پ جو نعرو روٽي، ڪپڙا اور مڪان به عوام لاءِ ڪو ٻوٽو ٻاري نه سگهيو.

2013ع واري اليڪشن ۾  پي ٽي آءِ تمام گهڻو جوش سان حصو ورتو عمران خان جون جوشيليون تقريرون عوام ۾ جان وجهي رهيون هيون پر هڪ جلسي گاهه ۾ عمران خان جي  اسٽيج تان ڪرڻ ڪري اليڪشن مهم ٺپ ٿي وئي، نواز شريف کي ڀرپور انداز ۾ اليڪشن مهم هلائڻ جو هڪ بهترين موقعو ملي ويو جنهن ڪري هو 2013 واري اليڪشن کٽڻ سان ملڪ جو ٽيون ڀيرو وزير اعظم چونڊجي آيو ۽ اسيمبلي ۾ به واضح اڪثريت جي ڪري هن طاقتور وزير اعظم طور تي ملڪ جون واڳون سنڀاليو.

هن  سي- پيڪ وارو  چين سان معاهدو ڪيو  جنهن ڪري ملڪ ۾ انفرا اسٽرڪچر وارو ڪم تيزي سان ٿيڻ لڳو. جنهن ۾ ڪاشگر ٽو گوادر تائين روڊ جو ٺهڻ گوادر بندرگاهه کي ملڪ جي سڀني صوبن سان ڳنڍڻ به نواز شريف جي دور ۾ ئي ٿيو هو ۽ ملڪ مٿان ڳرا قرض کڻڻ وارو قدم  نوازشريف واري حڪومت ۾ به بخوبي کنيو ويو جنهن جي ڪري به مهانگائي ملڪ مٿان راڱا ڏيندي رهي. عام غريب ماڻهو سکڻن آسرن ۽ اميدن تي ئي زندگي گذاري رهيو هو ته اجهو ٿو زندگيءَ ۾ سڌارو اچي جيڪو خواب هو سو خواب ئي رهجي ويو،  ان دوران عمران خان جو ڪنٽينر وارو هڪ ڊگهو ڌرڻو ۽ مٿان وري وڪي ليڪس ۾ وزيراعظم نواز شريف جا خفيه اثاثا ظاهر ٿيڻ  جي ڪري عمران خان ۾ هڪ نئي جان پئجي وئي ۽ هو هر هنڌ نوازشريف جي خلاف ڳالهائيندو رهيو. جنهن سان عوام ۾ به غم ۽ غصو ڏسڻ ۾ پئي آيو. ۽ نيٺ هڪ عدالت جي حڪم نامي جي ذريعي ان کي نااهل ڪيو ويو.

ان کان پوءِ شاهد خان عباسي ملڪ جي وزير وزيراعظم طور حلف کنيو. جنهن کان پوءِ ستت ئي 2017ع واري اليڪشن جي مهم ۾ پي ٽي آءِ جو تبديليءَ جو نعرو ڪم اچي ويو ۽ عمران خان عوام سان  وڏا وعدا ۽ دعوائون ڪيون ته آئون ملڪ ۾ 50 لک گهر، هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيندس، مهانگائيءَ کي گهٽائيندس، پيٽرو اسمن جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻيندس، ٻاهرين ملڪن کان قرض ڪونه کڻندس، ملڪي ناڻي کي طاقتور ڪندس، بجلي ۽ گئسن جي بلن کي گهٽائيندس. هي اهي ڳالهيون هيون جن جي ڪري عوام تمام گهڻو پريشان هئو. ۽ پاڪستاني عوام عمران خان ۾ پنهنجو هڪ نئون خوشحال آئيندو پئي ڏٺو، پوءِ 2017ع واري اليڪشن ۾ پي ٽي آءِ اڪثريت سان ووٽ کنيا ۽ ملڪ ۾ آسانيءَ سان پنهنجي حڪومت ٺاهي ورتي ۽ هاڻ  تبديلي سرڪار کي ٻه سال مڪمل ٿي چڪا آهن. پر عوام اهو ئي سورن ۾ عمران خان جو ڪوبه واعدو وفا ٿي نه سگهيو. ملڪ ۾ مهانگائي آسمان سان پئي ڳالهيون ڪري، عام واهپي واريون شيون عوام جي پهچ کان پري آهن. بيروزگاري،  بدامني، ڪرپشن، وڌي رهي آهي. ملڪي ناڻي جو قدر روز ڪرندو ٿو وڃي سون، چاندي جو تولو ۽ پيٽرول جي اسمن جون قيمتون روز وڌنديون ٿيون وڃن. ڊالر کي جهڙوڪر پر لڳل هجن جنهن سان عام ماڻهو جي زندگي عذاب ٿي پئي آهي.

هاڻ اهڙي حالت ۾ اسان جو عام پاڪستاني ڇا جشنِ آزادي ملهائيندو، جيڪو غربت ۽ افلاس جي چڪيءَ ۾ اهڙو ته پيسجي ويو آهي جو هو پنهنجي وجود کي هاڻ ختم ڪرڻ ۾ پورو آهي ۽ روز اخبارن جون سرخيون انهن افسوسناڪ خودڪشين جي واقعن سان ڀريون پيون آهن. اسان جو پيارو پاڪستان ته 73 ورهيه اڳ آزاد ٿيو مگر ان آزادي جو لاڀ  افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته  پاڪستان جي عوام کي مهانگائي، غربت ، بيروزگاري، بدامني ۽ ڪرپشن، جي صورت ۾ ملي رهيو آهي. جيڪو هڪ وڏو الميو آهي جنهن جو ازالو شايد پاڪستان جي ڪاحڪومت مستقبل ۾ ڪري سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.