اونداهي ڌرتي، روشن هٿ

اعجاز منگي

ستم جي اها سفاڪ رات

تاج جي گهر تي به آئي!

اهي ئي اوٺا پير

اهي ئي دروازي کي لڳندڙ لتون

اهي ئي چوکاٺ مان چيچاٽ ڪري

نڪرندڙ انجيسون

اهي فرش مٿان ڪرندڙ تاڪ

اهي ئي گهر وارن جون رڙيون

پنهنجي بابا کي بچائڻ لاءِ

اڳيان وڌندڙ سونهن راڻي

۽ هن جي ڪچڙي ڳل مٿان

پڪن هٿن جون چماٽون

۽ نتيجي ۾ ٺهي پيل

ديس جو مظلوم نقشو

۽ هن جي سهڻي ونيءَ جا ورلاپ

۽ دور آريسر جي واريءَ واري وطن کان

موهن ڀڳت جا اهي ازلي آلاپ

”آيل ماءُ! منهنجي دل جو دوست

وٺيو ٿا وڃن…………!!“

۽ هو سهڻيءَ جي دل جو دوست

تاج جويي جو سلڇڻو پڳدار پٽ

سارنگ ڊبل ڪيبن ۾ کنڀي کڻي ويا

اي ڀٽ ڌڻيءَ جي ڀونءِ تي ابدي آرامي

اي سنڌ جا سورج مکي اديب

اي آغا سليم!

تنهنجي امر ناول ۾ اهو باب ڪٿي آهي؟

تو ته پنهنجي پيش لفظن ۾ به

اها پيشن گوئي نه ڪئي هئي ته:

”دهشت جو هڪ دور اهڙو به ايندو

انياءَ جو دئيت ان سارنگ کي

ايڪهين صديءَ ۾ اغوا ڪري ويندو

۽ هو ٽارچر سيل ۾ پنهنجا سڄڻ ساريندو

ڪارڙين اکڙين مان لڙڪ لاڙيندو

اهو سارنگ جيڪو تاريخ جي هر دور ۾

ڌرتيءَ سان پيار ڪرڻ جي ڏوهه ۾

ڏهڪايو ويو آهي……….!!

ڪاش! سارنگ جي گمنام گناهگارن کي

آڏي پڇا جي دوران ڪوئي صرف ايترو ٻڌائي ته:

”اوهان ان ٻار هٿ ٻڌا آهن

جن جون آڱريون آريسر اکين مٿان رکيون هيون

اوهان ان ٻار جي چهري تي چماٽون ٿا هڻون

جن جي ڳٽن مٿان آريسر پنهنجن چپن سان

 پيار جو پهريون آٽوگراف لکيو هو

اوهان ان ٻار کي ڌمڪيون ٿا ڏيو

جيڪو آريسر جي اظهار جي آڱر چوسي

وڏو ٿيو هو

۽ هو وڏو به ڪٿي ٿيو هو؟

هو ته اڃان به ننڍڙو آهي

اڪ جي ڦلڙيءَ مٿان

مهڪندڙ ماڪ جي ڦڙي جهڙو

رم جهم ٻارڙو…….

ڇا هن جو ڏوهه اهو هو ته

هو احتجاجن جي آغوش ۾ پليو

ڇا هن جو ڏوهه اهو ته هو

بڊي جي بي رحم راتين ۾

پنهنجي پيءُ جي ارڏي آواز سان

اهي لوليون ٻڌندو هو ته:

”لوليون لال

جيئين شال

پنهنجي ماءُ

پنهنجي پيءُ

سان جڳ جيءُ

لوليون لال

هو جيئين شال“

سارنگ جيئندو

۽ سخت حالتن ۾ سورج مکي ٿي مهڪندو

پيار جي ٽار مٿان ڪنهن ڪار ڪڻڇيءَ جيان

 چاهه مان چهڪندو…!

هو سنڌ جي انقلابي سيلاني تاج جو پڳدار آهي

هو ان پڳ جي هر ور جي حرمت جو محافظ آهي.

ڪاش! اڄ آريسر هجي ها

ته هو حيدرچوڪ جي وچ تي بيهي چوي ها

”اي منهنجا محقق!

لک…… ته اڄ اندرا جو ڀاءُ به اغوا ڪيو ويو“

ڪاش! اڄ آريسر هجي ها

ته هو سارنگ جي تصوير مٿان

لکي ها:

”گولي شاهه هي گل، پرکا ڪارڻ پوکيا“

حليمان جي هنج ۾

اهو گلاب تاج پوکيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.