ميڊم مهتاب اڪبر راشديءَ جو جنم ڏينهن

زرار پيرزادو

  • اها سڀني جي گڏيل راءِ آهي ته ميڊم مهتاب اڪبر راشدي جي زندگي جا نظريا ۽ اصول بيحد چٽا ۽ اونچا رهيا آهن، جنهن ڪارڻ ئي هي شخصي ادارو پنهنجي تاريخ ٺاهي چڪو آهي ۽ پنهنجين اکين سان ڏسي به رهيو آهي.
  • هن جي زندگي وارو روح ڪنهن آمريت هٿان مجروح ناهي ٿي سگهيو ۽ نه ئي هن جي اصولن تي ٻڌل آئين کي ڪنهن پنو سمجهي ڦاڙي ڇڏڻ جي همت ساري آهي.
  • هڪڙي آمر (ضياءُ) جي دور ۾ کيس ٽي وي تي ”رئو“ لازمي طور پائڻ جو حڪم ٿيو هو ته هن ٺپ انڪار ڪندي پنهنجي شخصي آزادي ۽ خودمختياريءَ جو جهنڊو ڦڙڪايو هو.
  • اها خوداري ۽ بيباڪي سندس شخصي اداري جي پائداري جو هڪ ننڍڙو حوالو آهي.
  • جڏهن ته مهتاب راشدي جي نالي وارو هي شخصي ادارو ٻين به ڪيترن مشهور حوالن سان اوچو ۽ سگهارو آهي.
  • ميڊم مهتاب وارو هي شخصي ادارو علم ۽ تهذيب جي سرن سان اڏيل آهي.
  • هن جي شخصي اداري جو اهو به هڪ انتهائي روشن ۽ مضبوط پاسو آهي ته هيءَ اڄ جي سنڌي عورت لاءِ رول ماڊل جي حيثيت رکي ٿي.
  • هن شخصي اداري جون تعليمي خدمتون به تمام يادگار آهن، هيءَ پاڻ کي معلم جي روپ ۾ وڌيڪ پسند ڪري ٿي.
  • ميڊم جي شخصي اداري جي هڪ سڃاڻپ ڪمپيئرنگ ۽ صداڪاري به رهي آهي. ڪمپيئرنگ کي هن موناليزا واري مرڪ، ذهانت ۽ ڌيمي آوازجو نئون لهجو ارپيو.
  • ميڊم مهتاب نه رڳو پنهنجي ذات ۾ هڪ ادارو رهي پر عملي طور به ڪيترن ئي ادارن جي سربراهه رهي. هوءَ جنهن به اداري ۾ سربراهه طور وئي، اهو معيار جو حوالو بڻجي ويو.
  • ميڊم مهتاب جي شخصي اداري جي سڃاڻپ ليکڪا، نقاد ۽ ڪالم نگاري واري به آهي.لکڻ تي آئي ته سندس ڳاڻيٽو وڏي ريڊرشپ رکندڙ ليکڪن ۾ ٿيڻ لڳو.
  • ميڊم مهتاب جي شخصي اداري جو هڪ يادگار حوالو پارليامينٽرين وارو به رهيو. ميڊم مهتاب کي پارليامينٽرين طور ڏسڻ جي خواهش جو پهريون باضابطا اظهار نامياري صحافي ۽ دانشور انور پيرزادي پنهنجي هڪ ليک ۾ ڪيو هو.
  • هيءَ واحد ايم پي اي هئي جيڪا جڏهن سنڌ اسيمبليءَ ۾ ڳالهائيندي يا تقرير ڪندي هئي ته هڪدم سانت ڇانئجي ويندي هئي تڏهن محسوس ٿيندو هو ته ‘‘ صداڪاري’’ ڪهڙي فن ۽ طاقت جو نالو آهي سو راز سمجهه ۾ اچي ويندو هو.ميڊم سنڌ اسيمبليءَ کي نه رڳو نئون لهجو ڏنو پر ڪيتريون ئي نيون سوچون ۽ دانشمنديون به ارپيون.
  • اڄ مهتاب راشدي هڪ اهڙي دانشور جو درجو ماڻي چڪي آهي، جنهن وٽ سنڌ، ملڪي توڙي عالمي سطح تي سنڌ جو ڪيس وڙهڻ جي ڀرپور صلاحيت ۽ ڏانءُ آهي.
  • پاڪستان ۽ ميڊم مهتاب اڪبر راشدي جي جنم جي هڪ ئي تاريخ آهي. ميڊم مهتاب به 14 آگسٽ 1947 تي جنم ورتو آهي.
  • پاڪستان پنهنجي وجود سان انصاف ڪيو آهي يا نه ان بابت ٻه رايا ٿي سگهن ٿا.
  • پر نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته ميڊم مهتاب اڪبر راشدي پنهنجي جنم واري مقصد سان جيئن انصاف ڪيو آهي تنهن تي ٻه رايا بلڪل به ناهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.