آزادي جو اصل مقصد ڪهڙو آهي ؟

مسرور سيال

ڪنهن به قوم لاءِ آزادي حاصل ڪرڻ جيترو ڏکيو عمل هجي ٿو ان کان وڌيڪ آزاديءَ کي برقرار رکڻ ڏکيو هجي ٿو ،آزاديءَ کي برقرار رکڻ سان گڏ وري آزادي جي مقصدن کي برقرار رکڻ اڃا به وڌيڪ ڏکيو هجي ٿو پاڪستان اُهو ملڪ آهي جنهن 14 آگسٽ 1947ع تي آزادي ته حاصل ڪري ورتي پر ان آزادي کي برقرار رکڻ لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن تنهن هوندي به آزادي جي مقصدن وارو خواب اڃا تائين ساڀياءَ نه ٿي سگھيو آهي، اڄ به ملڪ جن اذيتن مان گذري رهيو آهي تن مان پار پوڻ هڪ وڏي ڳالھه آهي ملڪ جي باني قائدِ اعظم محمد علي جناح پاڪستان کي ڪامياب جمهوري ۽ خوشحال رياست ڏسڻ  وارو خواب ڏٺو هو پر اڄوڪي پاڪستان مان اهِو ثابت ٿئي ٿو ته اسين آزادي ماڻڻ کان پوءِ به آزادي جي جنگ وڙهي رهيا آهيون، مطلب ته  اڃا تائين جمهوريت لاءِ قربانيون ڏئي رهيا آهيون ۽  ملڪ کي خوشحال ڪرڻ ۽ امن وارو ملڪ بڻائڻ  لاءِ ملڪ مان دهشتگرديءَ جي خاتمي جي جنگ وڙهي رهيا آهيون.

ڏسجي ته اسين اڃا تائين ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت آڻي نه سگھيا آهيون ۽ جن ان لاءِ جدوجھد ڪئي اُهي ڦاهيءَ چاڙهيا ويا يا گولي جو نشانو بڻايا ويا ، امن جو خواب اڃا ڌُنڌلو لڳي رهيو آهي، جنهن ملڪ ۾ دهشتگرد پنهنجون جڙون پڪڙي چڪا هجن ۽ امن جي لاءِ آپريشن ڪيا وڃن ، جتي مڪتبِ فڪر جو مطلب فرقي واريت سمجھي فرقي واريت کي هوا ڏني وئي هجي، قومن جي خود مختياريءَ بجاءِ قومن جا تاريخي ، ثقافتي اهڃاڻ به ميساريا پئي ويا هجن ۽ وسيلن تي سندن حقن کي تسليم نه ڪيو ويندو هجي، ان حالت ۾ ملڪ جو آزادي وارو ڏهاڙو ملهائجي به ٿو ته ان عزم سان ته ملڪ  کي قائدِ آعظم جي ٻڌايل اصولن مطابق هلايو ويندو  ۽ حقيقت اِها به آهي ته جيڪڏهن ملڪ قائدِ آعظم محمد علي جناح جي ٻڌايل اصولن مطابق هلايو وڃي ته سمورا مسئلا حل ٿي ويندا ۽ پاڪستان ترقي جي راھه تي هلي پوندو پر اُهي سڀ تقريرن ۾ اعلان هجن ٿا.

ملڪ جي آزاديءَ  جي بهار تڏهن ئي عوام محسوس ڪندو جڏهن عوام امن ، روزگار ، تعليم ، صحت جھڙن بنيادي سهولتن ۾ زندگي گذاريندو هجي ، هتي ته بنيادي سهولتن لاءِ عوام روڊن تي نڪرن ٿا ۽ پوليس جون لٺيون به کائن ٿا ته جيل به ڀوڳين ٿا ان ڪري اسان جي حڪمرانن کي گھرجي ته عوام کي بنيادي سهولتون مهيا ڪري کين آزاديءَ  جي حقيقي جشن ملهائڻ جي لائق بڻايو وڃي ملڪ جي آزاديءَ جو ڏهاڙو حڪمرانن کي اِهو ياد ڏياري ٿو ته، هي ملڪ عوام جي حڪمراني لاءِ آزاد ٿيو هو پر اسان وٽ عوام جي حڪمراني ڪٿي نظر اچي ٿي، جي ها ته پوءِ ڪٿي آهي ڇا خاندانن جي حڪومتن کي عوام جي حڪمراني چئي سگھجي ٿو يا ڪرپٽ حڪمراني کي عوامي حڪمراني چئي سگھجي ٿو ؟؟؟ جي ها ته پوءِ ، قائدِ آعظم جي پاڪستان ۾ ائين آهي ته ڪونه!

قائدِ آعظم جيڪو پاڪستان ڏنو ان ۾ ته عوام جي حڪمراني جو تصور شامل هو  ڇا اڄ اِهو تصور هاڻي آهي جي نه  ته پوءِ عوام ۽ حڪمران ٻه الڳ الڳ ڇو نظر اچي رهيا آهن جيڪو پڻ قائدِ آعظم جي اصولن جي خلاف آهي ته پوءِ هتي سوال پيدا ٿئي ٿو ته هن صورتحال جو ذميوار ڪير آهي عوام يا حڪمران ؟ ظاهر آ هي ته ذميواري حڪمرانن جي هجي ٿي جيڪي ملڪ کي ملڪ جي بنيادي اصولن هيٺ هلائن ٿا ، جيڪي ملڪ ٺهڻ وقت ڏنا ويا هئا جيڪڏهن انهن اصولن کي اڄ به پنهنجي لاءِ رهنمائي سمجھيو وڃي ته عوام ۽ حڪمران هڪ ئي رستي تي نظر ايندا.

جيڪڏهن عوام تڙپندو رهيو آهي ته پوءِ اُها قيادت قائد اعظم واري قيادت ناهي پر هڪ اهڙي قيادت آهي جنهن جو مقصد فقط ۽ فقط اقتدار هجي ۽ جنهن جو مقصد اقتدار هجي ٿو اُهي اقتدار جي لاءِ هر ظلم ڪرڻ وقت سمورا ليڪا لتاڙي ڇڏيندا آهن، تنهن ڪري هن ملڪ کي هاڻ اقتدارين جي ضرورت نه پر اقدارين جي ضرورت آهي پاڪستان جي وجود لاءِ جن به جدوجھد ڪئي ان جو  قدر اُهو ئي ڄاڻن ٿا پر جن پاڪستان کي بچائڻ لاءِ قربانيون ڏنيون انهن  کي وڌيڪ قدر آهي ، تنهن ڪري سندن قدر ڪرڻ گھرجي پاڪستان جو قدر هي آهي ته پاڪستان ۾ رهندڙ چئن ئي قومن جا بنيادي حق تسليم ڪري خودمختياري ڏني وڃي، جنهن سان ملڪ جو استحڪام سلهاڙيل آهي پاڪستان جو استحڪام هن پوري خطي جو استحڪام هوندو ، مستحڪم پاڪستان ئي اصل آزاد پاڪستان آهي ۽ آزادي ڏهاڙو آهي ۽ جشنِ آزادي آهي  ان لاءِ به ته آزاد ملڪ هڪ زندهه قومن لاءِ وڏي مان وڏي نعمت هجن ٿا ۽ اُهي قومون پنهنجي زندهه هجڻ جو ثبوت ڏيندي پنهنجي آزاديءَ جي ڏهاڙي کي وڏي ڌام ڌوم سان ملهائينديون آهن.

پاڪستان به هڪ نعمت جيان آهي جنهن کي وري عوام لاءِ نمعت بڻائڻ حڪمرانن جو ڪم آهي.پر اسان وارا حڪمران ته ڪرپشن جي دلدل ۾ ڦاٿل آهن ايتري قدر جو عدالتن  کي به کين نااهل قرارا ڏيڻو پئجي رهيو آهي ۽ اُهي نااهل حڪمران  اقتدار تان ڌڪارجي وڃڻ جي باوجود  عوام کي بي وقوف بڻائڻ ۾ رڌل نظر اچي رهيا آهن، اڄ جڏهن ملڪ جي آزاديءَ کي 72 سال ٿي ويا آهن ته سوچڻو اِهو پوندو ته اسين واقعي ئي آزاديءَ جو مقصد حاصل ڪري سگھيا آهيون  ۽ جنهن مقصد خاطر آزاد ملڪ جڙيو هو  اُهو مقصد سمجھي سگھيا آهيون ، بلڪل نه !

ڏسجي ته اسان هن ملڪ کي حڪومت ڪرڻ جو ذريعو بڻايو آهي باقي هن ملڪ کي خوشحال ڪرڻ ، امن ڏيڻ ، هتان جي حڪمرانن جي ڄڻ ذميواري ئي نٿي هجي، افسوس سان چوڻو پئجي رهيو آهي ته پاڪستان پاڪ مقصدن لاءِ وجود ۾ آندو ويو هو پر هتي بدناميءَ جا عالمي رڪارڊ قائم ڪيا پيا وڃن دنيا هن ملڪ کي خطرو سمجھي ٿي، تنهن هوندي به دنيا کي خبر آهي هي ملڪ دنيا کي خطري کان بچائي به سگھي ٿو  ان ڪري ته هتان جي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کان شهيد راڻي بينظير ڀٽو جھڙي عوامي قيادت هئي جيڪي عالمي تناظر ۾ ملڪي سياست ڪرڻ جو ڏانءُ رکندا هئا جن تي دنيا جا جمهوري ملڪ ناز ڪندا هئا اڄ به قائدِآعظم محمد علي جناح قائدِ عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد راڻي بينظير ڀٽو   جو فڪر ۽ فلسفو موجود آهي جنهن تي عمل ڪرڻ سان هڪ دفعو ٻيهر ملڪ ترقي ڪندو غريب خوشحال ٿيندو،  شرط اِهو آهي ته قائدين جي ڏسيل واٽ  تي عمل ڪيو وڃي ملڪ تي تجربا نه ڪيا وڃن ڪڏهن پهرين پاڪستان جي نالي ته وري ڪڏهن  نئين پاڪستان جي نالي تي ان کان اڳ مذهبي پاڪستان جي نالي تي ملڪ کي لٽيو ڦريو ويو ۽ ڌارين جي لوڌ کي آباد ڪيو ويو هن وقت ملڪ ڏيهي توڙي پرڏيهي پاليسين ۾ ڪمزور آهي.

ڪشمير جي آزادي لاءِ پنهنجون  سموريون صلاحيتون استعمال ڪرڻ باوجود سندن آزادي ته پري جي ڳالھه حڪومت انهن کي ڪو وڏو حوصلو به  نه ڏئي سگھي آهي اهڙي طرح هن نئين پاڪستان ۾ وري ننڍن صوبن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، جيڪو اڳ آمريتي دورن ۾ بڻايو ويندو هو هي عمل پاڪستان جي اصل روح جي خلاف آهي ان ڪري ملڪ اندر سمورين قومن جي حقن کي تسليم ڪري خودمختياريءَ سان هلايو وڃي ۽ قائدِ آعظم جي گھٽ ۾ گھٽ 14 نڪتن جو احترام ڪيو وڃي اسين 14 آگسٽ تي وجود وٺندڙ ملڪ جي باني محمد علي جناح  جي 14 نڪتن تي عمل ڪرڻ  جي گھر ڪيون ٿا، شايد ان تي عمل ڪيو وڃي ته ملڪ کي 14 چنڊ لڳي سگھن ٿا، خوشحالي ۽ ترقي جي راھه ملي سگھي ٿي، جنهن سان اصل جشنِ آزادي جا مزا به ملي سگھن ٿا .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.