توهين رسالت واقعي مسلمانن جا جذبا مجروح ڪيا: شاهه محمود

اسلام آباد(م ڊ) ڀارتي شهر بنگلور ۾ سوشل ميڊيا تي پيغبر اسلام ، خاتم النبين حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم بابت گستاخاڻي  پوسٽ جي باري ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته توهين رسالت جي دل ڏاريندڙ واقعي مسلمانن جي جذبن کي مجروح ڪيو آهي، هن چيو ته اها وڊيو پوري امت کي ڏسڻ گهرجي، ڀارت ۾ اڄ مسلمان اقليت محفوظ ناهي، هن زور ڀريو ته هيومن رائٽس واچ، ايمنسٽي انٽرنيشنل ۽ ٻين انساني حقن جي عالمي تنظيمن کي ان واقعي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، هن چيو ته جذبا به مسلمانن جا مجروح ڪن ٿا، شهادتون به مسلمانن جون ٿين ٿيون جڏهن ته گرفتار به مسلمانن کي ئي ڪيو وڃي ٿو، هن چيو ته مسجد کي شهيد ڪري مندر ٺاهڻ قطعي طور تي درست ناهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.