پاڪستان ۽ سپريم ڪورٽ بارز ججز جي مقرري واري طريقيڪار تي خدشن جو اظهار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ پاڪستان بار ڪونسل جي وائس چيئرمين عابد ساقي چيو آهي ته ججز جي مقرري واري طريقيڪار تي اسان کي خدشا آهن، ججزن جي مقرري واري معاملي ۾ ميرٽ جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي.

اسلام آباد ۾ پاڪستان بار ڪونسل ۽ سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي اڳواڻن گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي.

عابد ساقي چيو ته سيپٽمبر جي وچ ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ ججز جي مقرري واري طريقيڪار تي حڪمت عملي ڪنداسين.

هن چيو ته نيب قانون کي مرضي جي موجب استعمال ڪرڻ کي به اي پي سي ايجنڊا جو حصو بڻائي رهيا آهيون، جڏهن ته عالمي سطح تي استحصالي ۽ ايف اي ٽي ايف قانون کي به سمورين سياسي پارٽين سان گڏ بحث هيٺ آڻينداسين.

عابد ساقي چيو ته ايف اي ٽي ايف قانون جي بدنيتي تي ٻڌل شقن تي ڳالهائينداسين.

وائس چيئرمين پاڪستان بار ڪونسل چيو ته صحافين کي سليڪٽڊ ٽارگٽنگ ۽ اعلانيل ۽ اڻ اعلانيل سنسرشپ جي ڪري ڳڻتي آهي.

هن چيو ته اسان نيب قانون کي تبديل ڪرڻ جي جدوجهد ڪري رهيا آهيون، نيب جي ڪاري قانون جو خاتمو اي پي سي جي ايجنڊا تي سرفهرست هوندو.

سپريم ڪورٽ بار جي صدر سيد قلب حسن چيو ته اسان جا مطالبا نه مڃيا ويا ته جوڊيشل ڪميشن جي مقررين کي نه مڃينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.